مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) سنڌياڻي تحريڪ(ڪيو اي ٽي) پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف ڪوٺايل آل پارٽيز کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ناھيد جوڳي چيو ته پيپلزپارٽي نواز ليگ ۽ ٻين سنڌ دشمن ڌرين سان گڏجي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان ٺٽو،سجاول ۽ بدين کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو سرسبز سنڌ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندي ۽ پنجاب جي ريگستان واري علائقي جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعه پليجو چيو ته سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ لکين شاگردياڻيون پر امن جدوجھد ذريعي شاندار ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪنديون. قومي عوامي تحريڪ مرڪزي ترجمان اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌي ماڻهن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ امير حمزه چيو ته پيپلزپارٽي، زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان نه پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن ممتاز علي شيخ چيو ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ھٿ سان تباھ ڪرڻ ۽ سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش آھي، ايس ٽي پي اڳواڻ جلال شاھ چيو ته سنڌو درياھ سنڌين جو ساھ آھي درياھ جو وجود ختم ٿيڻ سان زرخيز سنڌ تباھ ٿي ويندي، بار ڪائونسل ٺٽو جي اڳواڻ گل بيبي شاھ چيو ته ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي،تحريڪ انصاف جي اڳواڻ امجد شاھ چيو ته نواز ليگ سدائين پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪندي رھي آھي،انساني حقن جي اڳواڻ وقار النسا چيو ته وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي، جسقم اڳواڻ اياز شاھ چيو ته سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ امجد شورو چيو ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، ياسر جاکرو چيو ته چار سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري سبب بدحال آھي. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر نه ڪيو وڃي،پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ پير بخش چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي آخر ۾ قراردادون منظور ڪيون ويون ته سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڇوڙ ڪري تمر جا ٻيلا ۽ ڊيلٽا کي بچايو وڃي.1991ع جي ٺاھ تي عمل ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، 6 ڪئنال ۽ گرين انيشيٽو منصوبا رد ڪيا وڃن. پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار اغوا انڊسٽري ۽ قبائلي جرڳن کي هٿي ڏئي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعن کي ڌاڙيل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري لٽيل پئسو واپس ڪيو وڃي. پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي فوري طور بازياب ڪرائي، اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن ۽ انهن جي سرپرست سرڪاري سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.