طالبان جي سرن تي اساما کان وڌيڪ رقم رکي سگهجي ٿي: آمريڪي پرڏيهي وزير

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا طالبان اڳواڻن جي سرن تي وڏي قيمت جو اعلان ڪري سگهي ٿو. اسان ٻڌندا رهيا آهيون ته طالبان پهريان کان وڌيڪ آمريڪين کي يرغمال بڻائي چڪا آهن. برطانوي خابرو اداري ”رائٽرز“ موجب مارڪو  روبيو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته ” اهو ٻڌي رهيا آهيون ته طالبان رپورٽ ڪيل انگ کان وڌيڪ آمريڪين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي“. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته اسان کي فوري طور تي انهن جي اعليٰ اڳواڻن تي وڏو انعام رکڻو پوندو، شايد اسامه بن لادن جي سر جي قيمت کان به وڏو انعام.  ڪابل ۾ آفيسرن گذريل هفتي چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ قيد ٻن آمريڪي شهرين جي بدلي ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۽ انتهاپسندي جي الزام ۾ آمريڪي عدالت طرفان سزا يافته افغان کي آزاد ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.