حيدرآباد؛ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادي جي پهرين ورسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن عوامي آواز ميڊيا گروپ جي واکاڻ ڪندي چيو ته عوامي آواز سدائين سنڌ جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ جڏهن به مظلومن ۽ محڪوم طبقن ۽ مظلوم قومن جي ڳالهه ٿي آهي عوامي آواز ان کي پنهنجي اڱڻ تي جاءِ ڏني آهي. اسٽبلشمينٽ جي فيصلن خلاف ردعمل کي رڳو انگريزي اخبار۽ عوامي آواز ئي نروار ڪنديون آهن.