حيدرآباد(رپورٽر) ترقي پسند اڳواڻن، صحافين ۽ ليکڪن عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته زلف پيرزادو بغاوتن جي مٽي جو ڳوهيل ماڻهو هو، هن سموري زندگي انقلابي ۽ نظرياتي سياست جي پوئواري ڪندي گذاري، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف هن قلم ذريعي سنڌ جي مزاحمت کي رپورٽ ڪيو، اڄ وري سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍي درياءَ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ جي شعور کي زلف پيرزادو جي رستي تي هلي وسيلن، زمين ۽ درياءَ کي بچائڻ لاءِ قلمي محاذ جي مک مورچي تي بيهي سنڌ جو آواز بڻجڻ گهرجي. ڪالهه عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ميزباني هيٺ نامياري صحافي ۽ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادي جي پهرين ورسي حيدرَآباد پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيئر صحافي ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون چيو ته سنڌي ميڊيا ۾ جن تبديلي آندي زلف پيرزادو به ان سورهيه لڏي مان هڪ آهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اسان جو صحافت ۾ اچڻ جو ڪوبه اراداو نه هيو پر اسان حادثاتي طور صحافت ۾ آيا سين ۽ سنڌي سماج ۽ صحافت ۾ تبديلي آندي. هن چيو ته عوامي آواز ۽ ان جي سٿ جا ساٿي ساراهه لائق آهن، عوامي آواز جنهن مقصد لاءِ نڪتي ان تي اڄ به قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان اندر محڪوم ۽ مظلوم ماڻهن ۽ قومن بابت اسٽبلشمينٽ جي ڪيل فيصلن کي رڳو هڪ انگريزي اخبار سان گڏ عوامي آواز ئي آهي جيڪا جرئت سان عوامي رد عمل کي رپورٽ ڪندي آهي. هن چيو ته زلف پيرزادو ان انقلابي سياست مان صحافت ۾ آيو، جيڪا انقلاب ۽ عوام جي ڳالهه ڪندي هئي. هن صحافت ۾ پنهنجي قلم جو سودو نه ڪيو. بلوچ قومپرست اڳواڻ رئوف خان ساسولي چيو ته سنڌ هڪ سرسبز ڌرتي آهي ۽ جيڪڏهن سنڌو درياءَ تي ڪينال ٺهيا ته سنڌ جي سونهن ختم ٿي ويندي. هن چيو ته زلف پيرزادي سدائين مظلوم قومن جي حقن ۽ هيڻن ماڻهن جي ڳالهه ڪئي. پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر چيو ته زلف هڪ نرالو، سچو ۽ فقير صفت ماڻهو هو، ڪالاباغ ڊيم سميت اڄ به ڪينالن خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ هنن انهن ترقي پسند صحافين وڏو ڪردار آهي. زلف ڪڏهن ته ضمير جو سودو نه ڪيو. عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته عوامي آواز اها اخبار آهي، جنهن ۾ مون سياسي ورڪر جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن چيو ته زلف ٻلهڙجي جي انهن ماڻهن مان آهي، جن مان اسان کي لٽل ماسڪو جي رهواسي واري خوشبوءِ اچي ٿي. هن چيو ته زلف گهٽ ڳالهائيندو هيو، پر جڏهن به ڳالهائيندو هو، سنڌ جي وسيلن ۽ وطن جي ڳالهه ڪندو هو. حيدرآباد روشن خيال فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو چيو ته عوامي آواز سدائين سنڌ جي بنيادي مسئلن ۽ اقليتن جي حقن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻلهڙجي لطيف جي پارکن جو شهر آهي ۽ زلف ان مٽي جي پيدائش آهي. هن چيو ته جيڪا سنڌ ۾ مزاحمت آهي، ان ۾ زلف جهڙن ماڻهن جي جدوجهد شامل آهي. عوامي آواز جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح چيو ته زلف ۽ اسين هڪ ٻئي سان پيار ڪندا هئا سين، 83 جي تحريڪ ۾ ٻالڪپڻ ۾ شامل ٿيا سين ته اسان کان اڳ هو ترقي پسند سياست سان سلهاڙيل هو ۽ کيس ٻالڪپڻي ۾ گرفتار ڪيو ويو، هو پنهنجي ڪردار ۾ باغي رهيو. هن چيو ته زلف ڪڏهن به پنهنجن ماڻهن سان ڪوڙ نه ڳالهايو، اسان سياست لاءِ پيدا ٿيا هئا سين، پر سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ اسين شعوري طور تي صحافت جي چونڊ ڪئي. هن چيو ته مشرف جي دور ۾ سرڪار ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ اشتهارن جي صورت ۾ سنڌي اخبارن کي وڏي رقم ڏيڻ پئي گهري، پر سنڌي صحافت جي ان وقت جي سرواڻن اشتهار هلائڻ کان انڪار ڪيو ۽ زلف اهڙي اشتهار هلائڻ خلاف بغاوت ڪندي هڪ اخبار جي نوڪري ڇڏي. اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پ پ اڳواڻ فرحين مغل چيو ته عوامي آواز اخبار ۾ جادو آهي، جيڪو به ان سان جڙندو آهي، اهو ان جو ئي رهجي ويندو آهي. هن چيو ته زلف پيرزادو هڪ بهادر صحافي هو، هن سنڌ جي مسئلن ڪالاباغ ڊيم سميت ٿل ڪينال خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. عوامي آواز سٿ سان سلهاڙيل زلف پيرزادي جي نياڻي ورثا پيرزادو چيو ته بابا جي سڄي زندگي صاف شفاف رهي، مون کي فخر آهي ته آئون ان جي ڌي آهيان. هن چيو ته بابا اسان کان وڇڙيو آهي، پر وسريو ناهي، هو هر پل روحاني طور اسان سان گڏ آهي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري فريد لاکو چيو ته زلف پيرزادو هڪ مزاحمتي صحافي هيو، زلف جي سنڌ جا محبت هئي. سندس وڇوڙي کي سال گذري چڪو آهي، پر اسان کي اڃان يقين نه ٿو اچي. سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ مولا بخش محبتي چيو ته زلف فقير صفت ماڻهو هيو، سنڌ جي صحافت ۾ سندس اهم ڪردار آهي، هن سدائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي. سيئينر صحافي جاني خاصخيلي چيو ته ڀائو زلف هڪ امر ڪردار آهي، هن پنهنجي زندگي صحافت کي ارپي ڇڏي. غلام نبي ملوڪاڻي چيو ته زلف هڪ سچو، کرو ۽ فقير طبعيت جو ماڻهو هو، هن سدائين سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي، زلف وچڙيو آهي، پر وسريو ناهي. يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ حمز علي چانڊيو چيو ته زلف جي صحافت سنڌ جي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن لاءِ هئي، هن چيو ته زلف ڪڏهن به پنهنجي قلم جو سودو نه ڪيو، هن شاگرد سياست ۽ هاري تحريڪ دوران جيڪا جدوجهد ڪئي، صحافت ۾ به ان جدوجهد کي جاري رکيو. سينيئر صحافي لطيف ملاح چيو ته زلف کي سدائين اسان سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندي ڏٺو سين، شاگرد سياست هجي يا صحافت هو ڪڏهن به وڪيو ڪونه. ان موقعي تي جبار ڪابورو، غوث علي جهتيال، غلام قادر ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.