جمھوريت جي جيڪا تشريح آھي، ان موجب عوام پاران چونڊيل عوام جي لاءِ عوام جي حڪومت. پر ان تشريح تي تھ پاڪستان جي ڪنھن بھ دور واري سول حڪومت پوري نھ لٿي آھي.جنھن ڪري چونڊيل ميمبر ۽ بي تاج بادشاھن پاران مڙھيل ميمبرن ۽ عوام جي وچ ۾ تمام وڏي وڇوٽي پئدا ٿي وئي آھي.نالي ۾ جمھوري سسٽم عوام جي ڀلائي يا عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ڏانھن ڪنھن قسم جي ڌيان ڏيڻ بدران رڳو اقتدار ۾ ويٺل ڌر جي حڪومت کي بچائڻ ۽ حڪومت جي ادارن کان ۽ سرڪاري ادارن مان پنھنجي مفادن جي پورائي جي لاءِ ڪم ۾ رڌل آھن. جنھن جو ھڪ مثال ھي آھي تھ پارليامينٽ جي چونڊيل ميمبرن کي ھن مھانگائي جي دور ۾ رڳو پنھنجي پگھار وڌائڻ جي ڳڻتي اچي ورايو جنھن ڪري سمورين جماعتن جي چونڊيل ميمبرن حڪومت کان اھڙو مطالبو بھ ڪري ڇڏيو. جنھن تي وري اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل ڌر بنا دير جي منظوري بھ ڏئي ڇڏي.
اھو سڀ ڪجهه ھڪ اھڙي ملڪ ۾ ٿي رھيو آھي، جتي بک، بيروزگاري، مھانگائي، بجلي، گئس جي بلن ۽ پيٽرول جي قيمتن وڌڻ جو سڌي ريت گھڻي کان گھڻو اثر عام ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن تي پئجي رھيو آھي، ان ھوندي بھ اسان جي چونڊيل ميمبرن کي عوام جي ڏکن سورن کان وڌيڪ پنھنجي پگھارن جو فڪر گھڻو ٿي رھيو آھي.پاڪستان دنيا جي وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آھي، غريب ملڪ آھي، قرضن جي ھيٺ دٻيل ملڪ آھي.ھر مھيني عام ماڻھو جي کيسي مان رقم ڪڍڻ جي لاءِ حڪومت ۽ ان جي لاڳاپيل ادارا ڪو نھ ڪو بھانو ڪندا رھندا آھن، بجلي نھ تھ گئس جي قيمت وڌائي ويندي آھي، پيٽرول نھ تھ ڊيزل جي قيمت وڌائي ويندي آھي. جنھن سان غريب ماڻھو جي کيسي تي سڌي ريت اثر پوي ٿو.جنھن سان سموري مارڪيٽ ۽ ملڪ جي معاشي نظام تي منفي اثر پوي ٿو.
ان ھوندي حڪومت ۽ چونڊيل ميمبرن کي مھانگائي ۽ بيرزگاري جي چڪي ۾ پيسجندڙ انھن غريبن جو ڪو فڪر ۽ اونو نھ آھي.ھڪ مزدور جي لاءِ سرڪار پاران مقرر ڪيل پگھار تي بھ جنھن ملڪ ۾ مڪمل طور تي عمل نھ ٿيندو ھجي ان ۾ عوام جي نمائندن کي عوامي مسئلن جو ڪو ادارڪ نھ ھجي ۽ انھن کي حل ڪرڻ ۾ ڪنھن قسم جي ڪا سنجيدگيءَ ڏسڻ ۾ نھ اچي تھ پوءِ اھو ئي چئي سگھجي ٿو، تھ عوام جي نھ ووٽ جي ڪا عزت آھي ۽ نھ ئي عوام جي دکن دردن جو ڪو فڪر آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھي حڪومت عوام ۾ ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ وڌيڪ غيرمقبول بڻجي رھي آھي.
قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهار ۽ الائونس 140 سيڪڙو واڌ ڪري وفاقي سيڪريٽرين جي پگهارن برابر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري ڪميٽي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايم اين ايز ۽ سينيٽرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايم اين اي ۽ سينيٽر جي پگھار ۽ الائونس 5 لک 19 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ اسپيڪر ڪميٽي جون سفارشون وزيراعظم شهباز شريف کي موڪلي ڇڏيون آهن، پگهارن ۽ مراعتن جي معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ سميت ٻيون پارٽيون متحد آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي 67 ميمبرن به پگهارن ۾ واڌ جو لکت ۾ مطالبو ڪيو هو.
خبر موجب سمورين ڪٽوتين کانپوءِ وفاقي سيڪريٽري جي پگهار ۽ الائونس 5 لک 19 هزار رپيا ماهوار آهي، هاڻي پارليامينٽ ميمبرن کي به وفاقي سيڪريٽري جهڙيون سهولتون ملنديون.چيو ٿو وڃي تھ اسيمبلي ميمبرن 10 لک رپيا ماهوار پگهار جو مطالبو ڪيو هو پر اسپيڪر اياز صادق 10 لک رپيا پگهار جي تجويز رد ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ ميمبرن جون پگهارون پنجاب جي ميمبرن جي برابر ڪيون وينديون، واضح رهي ته 16 ڊسمبر 2024 تي پنجاب اسيمبلي ۾ عوامي نمائندن جي پگهار بابت ترميمي بل 2024ع جي منظوري کانپوءِ ايم پي اي جي پگهار 76 هزار مان وڌائي 4 لک رپيا ڪئي وئي هئي ۽ صوبائي وزير جي پگھار 1 لک مان وڌائي 9 لک 60 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي پگهار 1 لک 20 هزار مان وڌائي 7 لک 75 هزار رپيا ڪئي وئي، پارلياماني سيڪريٽري جي پگهار 6 لک 65 هزار رپيا ڪئي وئي، پنجاب جي خاص مددگار جي پگھار به هڪ لک رپين مان وڌائي 6 لک 65 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته هن وقت قومي اسيمبلي جي هڪ ميمبر جي پگهار 2 لک 18 هزار رپيا آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اها پگهار وڌائي 5 لک 19 هزار رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي،
عوامي نمائندن جي پگھار جو سلسلو پراڻي دور ۾ تڏھن شروع ٿيو جڏھن برطانيا ۾ پورھيت تحريڪ چارٽسٽن شروع ٿي ھئي.جنھن مقصد اهو ھو تھ مزدور طبقي جي پارليامينٽ جي ميمبر بڻجڻ جي صورت ۾ انھن کي پگھار ڏني وڃي.ان دور واري مطالبي ۾ اھو بھ ھو تھ ووٽ ڏيڻ کان چونڊيل نمائندا پورھيتن جي آمدني کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻن. جڏھن تھ اڄ هڪ پاڪستاني پارليامينٽ ميمبر جي پگهار پنج لک رپين کان وڌائي وئي آھي.
اسان کي ان پس منظر ۾ اھا ڳالھھ ڪرڻي ھئي تھ ھھڙي مھانگائي واري دور ۾ جڏھن پارليامينٽ جي انھن ميمبرن کي بھ پنھنجي پگھار وڌائڻ جي ضرورت محسوس ٿي رھي آھي تھ ان وقت سرڪار کان اھو مطالبو ڪرڻ ڪنھن بھ ريت غير واجب نھ ھوندو تھ ھڪ پورھيت جي پگھار ھڪ تولي سون جي قيمت جيتري مقرر ڪئي وڃي.اھڙي ريت اھو بھ طئي ڪجي تھ پارليامينٽ جي ميمبر حڪومت جي پگھار کڻڻ بعد ايترو ڪم بھ ڪن جيترو انھن جي ذمي لڳل آھي، اھي عوام جي ڀلائي جي لاءِ تجويزون ڏين، غريبن جي مسئلن جي حل جي لاءِ پروگرام بھ جوڙين، مھانگائي جي بسنت سان عام مزدورن جي پگھار وڌائڻ جي لا رٿ بھ پيش ڪن.حڪومت کي گھرجي تھ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ اھا اسٽيبلشمينٽ، بيوروڪريٽ، ججن پارليامينٽ ميمبرن توڙي انھن جي پگھارن ۽ کين ملندڙ رعايت مان ڪٽوتي ڪن، جنھن سان ملڪي خزاني تي بار پيو آھي، ھاڻوڪي فيصلي سان تھ ناڻي تي رھندو بار وڌايوويو آھي.