20 جنوري تي جنهن لمحي ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي 47 هين صدر طور حلف کنيو، تھ سندس وائيٽ هائوس ۾ واپسي دنيا جي قسمت بدلائي ڇڏي. لڳي ٿو ته هن ڪو ٽيرو ڪارڊ ڪڍيو آهي جنھن دنيا جي مستقبل جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آھي.ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرو ڪارڊ تي سج آهي، جنهن جو مطلب، دنيا جو مستقبل ”مثبت، ڪامياب ۽ متحرڪ“ هوندو. پر ان جي ابتڙ، دنيا جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن جي ٽيرو ڪارڊن ۾ باهه ۾ ٻرندڙ هڪ ٽاور آهي، جيڪو ”اٿل پٿل، صدمي، اوچتي تبديلي ۽ افراتفري“ جي اڳڪٿي ڪري ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ نجوم جي علم يا ٽيرو ڪارڊ جهڙين شين تي يقين نٿو رکي، پر ھو تھ خدا تي يقين رکي ٿو، جنهن کيس قاتل جي گولي کان بچايو ۽ حيرت انگيز مينڊيٽ سان وائيٽ هائوس پهچايو. عورت مخالف خيال رکندڙ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ ٻن عورت اميدوارن، ڪاملا هيرس ۽ هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏيڻ تي فخر ڪندي نطر اچي ٿو.سڄي دنيا ٽرمپ جي پيرن ۾ آهي ۽ جيڪڏهن توهان هن جي بيانن کي سنجيدگي سان وٺو ٿا، ته ھو دنيا کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. يعني ھو پنھنجي پيرن ۾ موجود دنيا سان فٽبال کيڏڻ جو ارادو رکي ٿو.سمورا آمريڪي چاھي انھن جو تعلق ڪھڙي بھ پس منظر سان ھجي. ڊونلڊ ٽرمپ انھن سان واعدو ڪيو آهي، ته هو آمريڪا کي ايترو عظيم بڻائيندو جو سندس مخالف حيران ٿي ويندا. حريف ملڪن کي ٽرمپ ”طاقت ذريعي امن“ قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. اھو تصور نئون ناهي. اهو هزارين سال اڳ رومي شهنشاهه هيڊرين جي مشهور جملي مان نڪتل آهي ” خوش اخلاقي ذريعي امن“ ۽ هاڻي ٽرمپ بار بار اھو جملو ورجائيندي نظر اچي رهيو آهي.ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪي اڳواڻن ان تصور کي ”جنگ ذريعي امن“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ فوجي طاقت جي استعمال ذريعي امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. جنھن جو مثال عراق، افغانستان ۽ يوڪرين آهن.
2022 ۾ روس جي يوڪرين تي حملي کان وٺي آمريڪا يوڪرين جي دفاعي نظام تي 175 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي. اھا سموري رقم يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلينسڪي جي کيسي ۾ نه وئي آھي. ڪائونسل آن فارين رليشنز انڪشاف ڪيو آهي ته ان امداد جو گھڻو حصو 70 کان وڌيڪ آمريڪي شهرن ۾ آمريڪي سرگرمين ۽ دفاعي صنعتڪارن تي خرچ ٿئي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته ان مان وڏي پئماني تي آمريڪا کي ئي فائدو ٿيندو آهي.آمريڪي اخبار جي پبلشر وليم هرسٽ جو جڳ مشهور جملو آھي ته ”توهان تصويرون ڏيو، مان جنگ بابت ڇاپيندس.“ سندس قول جو مطلب اهو سمجهيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو تڪرار پيدا ڪندا، ته ھو انهن کي اخبارن ۾ شايع ڪندو. جيڪڏھن ھن معاملي ۾ ڏٺو وڃي تھ يوڪرين جي ذريعي جنگ بابت لاڳاپيل مواد ملي رهيو آهي.ڇاڪاڻ ته آمريڪي فوج ۽ 40 کان وڌيڪ نيٽو ملڪ هٿيار فراهم ڪري هن جنگ جي باهه کي ڀڙڪائي رهيا آهن.
چين جي آمريڪا سان رڳو فوجي نھ پر ھڪ مختلف نوعيت جي جنگ آھي.صدر جي حيثيت سان پھرين ئي ڏينھن تي، ڊونلڊ ٽرمپ هڪ منفي قدم کنيو. هن 2021 ۾ پنهنجي پيشرو، جو بائيڊن پاران دستخط ڪيل صدارتي حڪم کي معطل ڪري ڇڏيو. ان حڪم تحت 2030 تائين آمريڪا ۾ وڪرو ٿيندڙ سڀني نئين گاڏين مان اڌو اڌ جو اليڪٽرڪ ھئڻ لازمي قرار ڏنو ويو ھو.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي موقف تي بضد آھي.جنھن چيو ھو تھ ”آمريڪا پنهنجون صنعتون برباد نھ ڪندو، جڏھن تھ چين کي آلودگي پئدا ڪرڻ کان استثنيٰ حاصل آهي.“ ان بيان جي باوجود، هن اعتراف ڪيو ته ”مان برقي گاڏين جي حق ۾ آهيان. مون کي حق ۾ ٿيڻو پيو ڇاڪاڻ ته ايلون مسڪ منهنجي ڀرپور حمايت ڪئي آهي.“ دنيا جي امير ترين ماڻهو ايلون مسڪ پاڻ کي ڊونلڊ ٽرمپ جو سڀ کان ويجھو ساٿي قرار ڏئي ٿو ۽ ٽرمپ سان سندس ويجهڙائي بابت ڪي به ٻه رايا نه آهن. هاڻي ايندڙ سال ٻڌائيندا ته ڪير ڪنهن جي مٺ ۾ آهي. ٻئي طرف ايلون مسڪ ان ڳالھھ تي جشن ملهائي رهيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ مريخ تي انسان موڪلڻ جي سندس اٽل ارادي جي حمايت ڪئي آهي (دلچسپ ڳالهه اها آهي ته قديم رومن روايتن ۾ مريخ کي جنگ جو سيارو قرار ڏنو ويندو آهي) مريخ تي قدم رکڻ ايترو بھ ناممڪن ناهي جيترو سمجھيو وڃي ٿو. 1960 جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا، 1969 جي آخر تائين چنڊ تي انسان موڪلڻ جي رٿ جوڙي ھئي.1961ع ۾ سوويت يونين پنهنجي خلاباز يوري گاگارين ڪو ووستوڪ کي راڪيٽ ذريعي خلا ۾ موڪلي آمريڪي ارادي جو مزو ڦٽائي ڇڏيو. ان ھوندي سوويت يونين اھا ڊوڙ نه کٽي سگهيو ڇاڪاڻ ته، آخري تاريخ جي ويجهو ٻه آمريڪي خلاباز جولاءِ 1969 ۾ چنڊ تي قدم رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
ڇا ڊونلڊ ٽرمپ زمين تي امن آڻيندو؟ غزا يا يوڪرين، ڪهڙي امن معاهدي طئي ڪرڻ جي عيوض هن کي نوبل امن انعام سان نوازيو ويندو ؟ (2009 ۾ عهدو سنڀالڻ کان 8 مهينن کان به گهٽ وقت ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي نوبل امن انعام سان نوازيو ويو ھو)گھڻائي ملڪ ممڪن طور تي پنهنجي پرڏيهي پاليسين کي ڊونلڊ ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي جي مقصدن سان هم آهنگ ڪندا.
پاڪستان کي به جلد ئي ساڳيو ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ صرف اها دعويٰ ڪرڻ ڪافي ناهي ته ڊونلڊ ٽرمپ سندن اڳواڻ کي جيل مان ڪڍرائڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي پاڪستان پيپلز پارٽي کي خوش ٿيڻ گهرجي ته سندن چيئرمين کي حلف برداري واري تقريب ۾ دعوت ڏني وئي ھئي .
تاريخدان تصديق ڪندا ته نومبر 1963 ۾ جان ايف ڪينيڊي جي قتل کان پوءِ صدر ايوب خان ذوالفقار علي ڀٽو کي تعزيت جي اظهار ڪرڻ لاءِ واشنگٽن موڪليو ھو. ڀٽو نئين چونڊيل آمريڪي صدر لنڊن جانسن سان هٿ ملائڻ تي مطمئن نه ٿيو ۽ ھن صدر سان ملاقات جو مطالبو ڪيو، ھن دعويٰ ڪئي هو ايوب خان جو هڪ اهم پيغام پهچائڻ چاهي ٿو. پنهنجي مصروف شيڊول جي باوجود آمريڪي صدر وقت ڪڍيو ۽ 29 نومبر تي ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪئي.
لنڊن جانسن جي عملي کيس خبردار ڪيو هو ته ڀٽو ڳالھين کي ڊگھو ڪرڻ ۾ مھارت رکي ٿو. جانسن ملاقات ۾ سخت مايوس ٿيو ڇاڪاڻ ته ذوالفقار علي ڀٽو بار بار آمريڪا سان پاڪستان جي وفاداري نڀائڻ بابت ئي ڳالهه ڪئي. لنڊن جانسن، بيزار ٿيندي، ڪميونسٽ چين سان پاڪستان جي لاڳاپن تي ڀٽي تي رھڙي طنز ڪئي.اڄ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسين اڳ ئي ناپسنديدھ ھئاسين.۽ هاڻي به اڻ وڻندڙ آهيون. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ نڪسن ۽ چين جي وچ ۾ رومانس هڪ پراڻي ڪھاڻي بڻجي چڪو آهي. اسان کي پاڻ کي نئين حالتن مطابق ترتيب ڏيڻو پوندو. اسان کان وڌيڪ طاقتور فيصلو اسان جي مستقبل جو نتيجو ڪندو.