آمريڪي امداد بند ٿيڻ سان پاڪستان کي ڪھڙو نقصان ٿيندو ؟

تحرير: نسيم حيدر

آمريڪا تقريبن سڀني پرڏيهي امدادي پروگرامن کي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ يوڪرين، تائيوان ۽ اردن جا امدادي پڻ پروگرام شامل آهن. اهي امدادي پروگرام شروع ۾ 90 ڏينهن لاءِ معطل ڪيا ويا آهن.پاڪستان سان لاڳاپيل پروگرامن  جو ذڪر اڳتي ٿيندو. ھتي ھڪ ڳالهه اھم اها آھي تھ دنيا جي تقريبن سڀني پروگرامن جي معطلي جي باوجود اسرائيل ۽ مصر کي رعايت ڏني وئي آھي.

آمريڪي ميڊيا موجب،پرڏيھي کاتي  دنيا جي ملڪن ۾ موجود  سڀني آمريڪي سفارتي ۽ قونصلٽ مشنن کي هڪ حڪم جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ انهن کي فوري طور تي سڀني امدادي پروگرامن کي معطل ڪرڻ ۽ ان حوالي سان سمورا ڪم بند ڪرڻ جي لاءِ  چيو ويو آهي.جنھن کانپوءِ پرڏيھي وزير  مارڪو روبيو ذاتي طور تي انهن پروگرامن جو جائزو وٺندو ۽ انهن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ،  تبديل ڪرڻ يا ان ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪندو.پرڏيهي کاتي سڌي ريت اڃا تائين ان خبر جي تصديق نه ڪئي آهي، پر ڪجهه عملدارن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي خبر جي تصديق ڪئي ۽ اهو به چيو ته ان قدم سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جا ملازم ڳڻتي  ۾ ورتل آھن.نئون حڪم اڳ ۾ ئي منظور ٿيل پروگرامن تي پڻ لاڳو ٿيندو، پر اهو چيو ويو آهي ته هنگامي خوراڪ جي امداد ۽ ڪجهه ٻيا معاملا ڪجهه حالتن ۾ جاري رکي سگھبا.لاڳاپيل عملدران کي چيو ويو آهي ته ان وقت تائين  ڪو نئون امدادي پروگرام شروع نه ڪيو وڃي يا موجوده پروگرامن کي نه وڌايو وڃي، جيستائين انهن جو جائزو وٺي منظوري ڏني وڃي.اھڙي  حڪم جو اثر فوجي ۽ ترقياتي ٻنھي  پروگرامن تي پڻ پوندو.

پرڏيھي کاتي جي اھڙي  قدم سان آفريڪا ۾ ايڊز خلاف اينٽي ريٽرو وائرل درگز جوپروگرام کي پڻ متاثر ڪندو، جيڪو جارج بش جونيئر جي دور کان وٺي جاري آهي.آمريڪا 2023 ۾ مختلف ملڪن کي 64 ارب ڊالر جي امداد ڏني ھئي. ميڊيا  ۾ آيل رپورٽس موجب اھا آمريڪي امداد پرڏيهي پاليسي جي هٿيار طور استعمال ڪئي ويندي آهي.ڊسمبر 2024 جي آخر ۾، آمريڪي صدر بائيڊن يوڪرين لاءِ اڍائي ارب  ڊالرن جا هٿيار موڪلڻ جو واعدو ڪيو. ان پيڪيج ۾ سوا ارب ڊالر جا اھي هٿيار بھ شامل هئا، جيڪي آمريڪي گودامن ۾ موجود  آهن، جڏهن ته ٻيا سوا ارب  ڊالرن جا هٿيار معاهدي تحت تيار ڪري موڪلڻا ھئا. خيال آھي تھ يوڪرين کي امداد روڪڻ سان آمريڪا ۽ روس لاءِ يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪرڻ آسان ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڊسمبر ۾ ئي صدر بائيڊن تائيوان لاءِ 571 ڏھائي 3  ملين ڊالر جي دفاعي امداد جي منظوري ڏني، جنهن تي چين سخت خدشن جو اظهار ڪيو ھو. امڪان آهي ته  تائيوان جي امداد منجمند ٿيڻ سان چين سان بهتر ڊيل  جي ڪوشش  ڪئي ويندي.ساڳئي طرح 2022 ۾ صدر بائيڊن واعدو ڪيو ھو تھ سن  2023 کان 2029 تائين اردن کي سالياني ھڪ ارب 45 ڪروڙ ڊالر جي امداد ڏني ويندي،

پاڪستان کي آمريڪي امداد: پاڪستان جي حوالي سان آمريڪي اداري فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ جي مطابق 2022  ۾ آيل ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن جي لاءِ  2022  ۽ 2023 دوران  80 ملين ڊالر  امداد مهيا ڪئي وئي.پاڪستان جي مدد بابت انساني امداد جي بيورو موجب، 2023 ۾ پاڪستان کي ڪل 4 ڪروڙ 30 لک 29 ھزار 722 ڊالر امداد ڏني وئي، جڏھن تھ  2024 ۾ اها گهٽجي  ھڪ ڪروڙ 69 لک 40 ھزار ڊالر رھجي وئي ھئي. جڏهن ته، 2024 ۾، 16 ملين ڊالر ارلي رڪوري ڊازسٽر رسڪ جي کوٽ ۽ صلاحيتن کي بھتر ڪرڻ بڻائڻ بابت ڏني وئي ھئي.

2024 ۾ پاڪستان کي ڪهڙن مدن ۾ فنڊ ڏنا ويا: ثقافتي ورثي کي محفوظ بنائڻ جي سلسلي ۾  مدد لاءِ يو ايس مشن  پاڪستان  2025 لاءِ هڪ خاص پروگرام جو اعلان ڪيو ھو. جنهن تحت نومبر 2024 ۾ ايمبسيڊر  فار ڪلچرل پريزرويشن تحت ادارن کان  ڪانسيپٽ نوٽس طلب ڪيا ويا هئا.هي پروگرام تاريخي عمارتن، آثار قديمه جي ماڳن، عجائب گهرن جي ڪليڪشنز ۽ روايتي ثقافتي شين جي تحفظ سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ ٻولي ۽ دستڪاري شامل آهن. AFCP تحت منظوري  جي صورت ۾ واشنگٽن کان تجويزون طلب ڪرڻيون هيون، جنھن جي منظوري جي صورت ۾  25 کان 35 لک ڊالر تائين جي رقم ملڻي ھئي.

اهو واضح ناهي ته هن پروگرام جو مستقبل ڪھڙو ٿيندو  ۽ هن سال ٻين  ڪهڙن پروگرامن تي رقمن  خرچ ڪرڻ جون تجويزون ھيون. ان بابت هن نمائندي آمريڪي قونصل خاني کان ان بابت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر  ڇنڇر ۽ آچر موڪلن ھجڻ سبب  انھن سوالن جو  جواب حاصل نه ٿي سگهيو.

2024 ۾ پاڪستان کي ڪهڙن مدن ۾ فنڊ ڏنا ويا: ثقافتي ورثي کي محفوظ بنائڻ جي سلسلي ۾  مدد لاءِ يو ايس مشن  پاڪستان  2025 لاءِ هڪ خاص پروگرام جو اعلان ڪيو ھو. جنهن تحت نومبر 2024 ۾ ايمبسيڊر  فار ڪلچرل پريزرويشن تحت ادارن کان  ڪانسيپٽ نوٽس طلب ڪيا ويا هئا.هي پروگرام تاريخي عمارتن، آثار قديمه جي ماڳن، عجائب گهرن جي ڪليڪشنز ۽ روايتي ثقافتي شين جي تحفظ سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ ٻولي ۽ دستڪاري شامل آهن. AFCP تحت منظوري  جي صورت ۾ واشنگٽن کان تجويزون طلب ڪرڻيون هيون، جنھن جي منظوري جي صورت ۾  25 کان 35 لک ڊالر تائين جي رقم ملڻي ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.