اظهار جي آزادي تي پابنديون هتان جو هميشه کان مسئلو رهيو آهي، حڪمرانن توڙي سردارن جي ڪرتوتن کي پرده پوشي ڪندڙ هيءَ قانون ڏوهن کي هٿي وٺرائيندو هن مهل جيڪو ملڪ اندر ماحول هلي رهيو آهي اهو نهايت ئي خراب آهي جنهن ۾ لکيل پڙهيل ۽ سادو ماڻهو مار کائي رهيو آهي۔ ڇا ظلم خلاف آواز اٿارڻ ڏوهه آهي؟ ميڊيا معاشري جو شفاف آئينو آهي جنهن ۾ معاشرو پنهنجو چهرو ڏسي سگهي ٿو۔
گذريل ڏينهن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو جنهن تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي ۽ صحافين پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. اظهار جي آزادي جي دعويٰ ڪندڙ جمهوري حڪومت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ۽ ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل منظور ڪرائڻ لاءِ سوالن جي وقفي واري ڪارروائي معطل ڪئي. سوالن جو وقفو معطل ڪرڻ واري رٿ سينيٽر شيري رحمان پيش ڪئي. تنهن کانپوءِ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو.جڏهن ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني پي ٽي آءِ سينيٽر اعجاز چوڌري جي پراڊڪشن آرڊر تي عمل درآمد تائين اجلاس جي صدارت کان انڪار ڪري ڇڏيو.حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو بل سوشل ميڊيا جي ڇڙواڳي کي قابو ڪرڻ جي لاءِ آندو ويو آهي، جنهن ۾ غلط خبر يا ڪوڙي خبر ڏيندڙ يا انهيءَ کي پکيڙيندڙ کي 3 کان 5 سال قيد جي سزا يا 5 کان 20 لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون هڪ ئي وقت ڏئي سگهجن ٿيون۔
ٻئي طرف صحافين جو چوڻ آهي ته اظهار جي آزاديءَ کي روڪڻ جي لاءِ حڪومت اهو بل آندو آهي. ان بل ذريعي صحافين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي يا ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري کانئن حڪومتِ وقت جي مخالفت ۾ خبرون ڏيڻ کان روڪيو ويندو جڏهن ته ملڪ جي مختلف صحافتي تنظيمن پاران پاڪستان ۾ پيڪا ايڪٽ (پاڪستان اليڪٽرڪ ڪرائمز ايڪٽ) خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن تحريڪ جو مقصد ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪرڻ آهي. صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پيڪا ايڪٽ ميڊيا تي پابنديون لاڳو ڪري رهيو آهي ۽ صحافين کي خوفزدہ ڪرڻ لاءِ ان جو استعمال ڪيو وڃي ٿو.
پيڪا ايڪٽ جو مقصد انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا ذريعي ڏوهن کي روڪڻ ۽ ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ آهي. ان ۾ مختلف آن لائن مواد جهڙوڪ فتنه انگيز مواد، نفرت انگيز ڳالهين، ۽ بدنامي جي مواد کي ڪنٽرول ڪرڻ جا طريقا شامل آهن. جڏهن ته ان ايڪٽ جو مقصد سماجي بگاڙ ۽ آن لائن خطرن کي روڪڻ آهي، پر صحافتي تنظيمن جو موقف آهي ته ان جو غلط استعمال صحافين جي آزادي کي محدود ڪري رهيو آهي.صحافتي تنظيمن جو اصرار آهي ته پيڪا ايڪٽ ميڊيا جي آزادي کي ختم ڪري رهيو آهي ۽ صحافين کي ڊيڄارڻ، پابند ڪرڻ، ۽ انهن جي زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهن جو موقف آهي ته اهڙا قدم آئيني ۽ بنيادي حقن جي خلاف آهن، خاص طور تي اهڙا حق جيڪي صحافين ۽ ميڊيا نمائندن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جو حق ڏين ٿا. صحافتي تنظيمن جو اهو به چوڻ آهي ته هن قانون تحت صحافين کي جيل ۾ بند ڪرڻ ۽ انهن کي قانوني طور تي ڊيڄارڻ جو عمل وڌي رهيو آهي.
جيڪڏهن ان ايڪٽ جو ڪاٿو ڪجي ته پوءِ عالمن، استادن سميت پوري سماج جي چپن کي تالا هڻڻ آهي ته جيئن ڪوبه ڪنهن تائين ڪا ڳالهه نه پهچائي سگهي۔ دنيا خبرن جا جديد طريقا ۽ ذريعا پيش ڪري رهي آهي پر اسان جي ملڪ ۾ انهن ذريعن تي پابندي هڻي خاموش ڪرايو پيو وڃي۔ جيڪڏهن اها ميڊيا نه هجي ته معاشري ۾ پلجندڙ برايون ۽ بڇڙايون اندران ئي اندران سماج کي کائي ناس ڪري ڇڏين۔ صحافتي تنظيمن پاران شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جو مقصد پيڪا ايڪٽ کي غير آئيني قرار ڏيڻ آهي ۽ ان کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪرڻ آهي. ان تحريڪ ۾ صحافي ۽ ميڊيا نمائندا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن ۽ هن قانون جي منفي اثرن کان عوام کي آگاھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
صحافتي تنظيمن پاران ان تحريڪ ۾ مختلف پليٽ فارمز جهڙوڪ سوشل ميڊيا، پريس ڪانفرنسون، ۽ سيمينارن ذريعي عوامي شعور اجاگر ڪرڻ جي مهم پڻ شروع ڪئي وئي آهي. ھن تحريڪ جو مقصد صاف آهي، صحافتي آزادي کي تحفظ ڏيڻ ۽ صحافين جي حقن جي خلاف ورزي کي روڪڻ پيڪا ايڪٽ جو غلط استعمال ميڊيا جي آزاد ۽ غير جانبدار رپورٽنگ کي نقصان پهچائي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي صحيح معلومات کان محروم ڪرڻ جو خدشو پيدا ٿئي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ صحافتي تنظيمن پاران ان تحريڪ جو آغاز هڪ اهم قدم آهي، جيڪو ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ڇو ته ميڊيا جي ذريعي ئي هڪ انسان ٻئي انسان جو ڏک درد ٻڌي ڏسي ۽ پڙهي سگهي ٿو۔ هڪ انسان جي من ۾ ٻئي انسان لاءِ همدردي ۽ احساس جو جذبو پروان چڙهي ٿو ۽ سماج ۾ غمخواري جا انمول جذبا جنم وٺي معاشري جي ڪيترن ئي ناسورن جو انت آڻين ٿا۔ ان ڪري حڪومت کي سوچي سمجهي قانونسازي ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙن غير قانوني قدمن کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي