ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نوَن ڪئنالن وارو تڪراري منصوبو

تحرير: پيرل آزاد

سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪارپوريٽ فارمنگ  ۽ سنڌو درياھ مان نڪرندڙ نون ڪينالن واري تڪراري منصوبي جا سنڌ جي زراعت، ماحوليات، آبي جيوت، وسيلن، ۽ ماڻهن تي گهرا  منفي اثر  پوندا.سنڌ جي زراعت، جيڪا سنڌو درياھ جي پاڻي تي مڪمل دارومدار رکي ٿي، جو شڪار ٿيندي. پاڻي جي کوٽ سبب فصل پوکڻ مشڪل ٿي ويندو، زرعي پيداوار گهٽجي ويندي جنهن سبب خوراڪ جو بحران پيدا ٿيندو ۽ ان سان گڏ ڪيترائي هاري پنهنجي گذر سفر جو واحد ذريعو به وڃائي ويهندا.

پاڻي جي کوٽ سبب درياھ جو وهڪرو گهٽجڻ سان سامونڊي پاڻي زمينن ۾ داخل ٿيندو، جيڪو زمين کي بنجر ۽ جر کي کارو بڻائيندو. ان سان گڏوگڏ زرخيز زمينون خراب ٿي وينديون، جيڪي اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهن.سنڌو درياھ جي وهڪري ۾ گهٽتائي سان آبي جيوت ۽ آبي وسيلن، جهڙوڪ ڍنڍن ۽ ٻيلن، تي وڏو اثر پوندو. مڇي ۽ ٻي آبي جاندارن جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو، جيڪو اڳ  ئي گهڻي ڀاڱي گھٽجي چڪو آهي  ۽ ماحولياتي توازن تباھ  ٿي رهيو آهي.

مقامي ماڻهن جي بي روزگاري:

پاڻي جي کوٽ سبب هزارين هاري ۽ مزدور بيروزگار ٿي ويندا. ڪيترائي مجبور ٿي پنهنجا اباڻا علائقا ڇڏي شهرن ڏانهن هجرت ڪندا، جتي غربت ۽ سماجي مسئلا وڌي سگهن ٿا. زرعي معيشت جي تباهي سان سنڌ جي مجموعي معيشت متاثر ٿيندي. بيروزگاري ۽ غربت ۾ اضافو ٿيندو، جيڪو سماجي عدم استحڪام ۽ ٻين مسئلن کي جنم ڏئي سگهي ٿو.

سنڌ جيڪو پاڪستان جو زرعي صوبو آهي، نه صرف ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پر ان جو ثقافتي ۽ تاريخي ورثو پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌ جي زراعت جو دارومدار قدرتي وسيلن تي آهي، خاص طور تي سنڌو درياھ سان جڙيل آهي. جنهن سان سنڌ توڙي پاڪستان جي زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو آهي. جڏهن ته سنڌ معيشت ۽ ثقافت جي بنياد تي پاڪستان جي بقاءَ ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

سنڌ ۾ زرعي پيداوار نه فقط علائقائي معيشت لاءِ اهميت رکندي آهي، پر ان تي ڪيترا ئي خاندان پڻ پنهنجي روزگار جو دارومدار رکندا آهن. سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو انحصار پڻ زراعت تي آهي. ان جو مطلب آهي ته ان علائقي جي معيشت، سماج ۽ ثقافت جو گهڻو حصو زرعي شعبن سان جڙيل آهي. جتي هڪ طرف سنڌ ۾ زراعت ۽ قدرتي وسيلن، خاص طور تي سنڌو درياءُ عام زندگي کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪري ٿو.

ٻئي طرف ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو مان نون ڪئنالن تعمير ٿيڻ جي ڪري مقامي زندگي تي وڏا اثرات پوندا.ڪارپوريٽ فارمنگ جو رجحان دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ مقبول ٿي چڪو آهي ۽ خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي زرعي پيداوار کي تجارتي لحاظ سان منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جو مطلب اهو آهي ته وڏين ڪمپنين يا ادارن طرفان زمينن جي مالڪي ۽ زرعي پيداوار کي تجارتي مقصدن لاءِ منظم ڪرڻ، ان ۾ عام طور تي وڏي سرمائي ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن سان پيداوار ۾ اضافو ٿئي ٿو، پر ان جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهن کي معاشي ۽ سماجي طور تي نقصان پهچي ٿو.

سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪري ڪيترن ئي زمينن تي وڏين ڪمپنين طرفان مالڪي حاصل ڪئي وئي آهي. ان سان مقامي ماڻهو جيڪي اڳ ۾ انهن زمينن تي ڪم ڪندا هئا، انهن کي پنهنجي زمينن کان محروم ٿيڻو پوي ٿو. ان عمل سان ڪارپوريٽ ادارن لاءِ اقتصادي فائدا توڙي زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، پر ان جو منفي اثر مقامي ڳوٺاڻن ۽ زراعت سان جڙيل ماڻهن تي پوندو.

ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ زمينن جي وڏي خريداري سبب مقامي ھاري، مزدور طبقي ۽ زميندارن کي اجرتن ۾ گهٽتائي ۽ روزگار ۾ غير مستحڪم حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. جڏهن ڪارپوريٽ ادارا زمينن تي قبضو ڪندا آهن، ته مقامي ماڻهو، جيڪي انهن زمينن تي محنت ۽ مزدوري ڪندڙ ھوندا آهن، انهن لاءِ ڪو ٻيو روزگار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو،  جنهن جي نتيجي ۾ غربت جو ريشو وڌي ويندو آهي. ڪارپوريٽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي گهڻو ڪري گهٽ اجرتون ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ان مان واضح آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ هڪ طرف زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪندي آهي، پر ٻئي طرف مقامي زراعت ۽ جياپي لاءِ  نقصانڪار آھي جنهن سبب بنيادي توازن متاثر ٿي وڃي ٿو.

سنڌو درياھ مان نڪرندڙ نون ڪئنالن وارو منصوبو انتهائي تڪراري بڻجي چڪو آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ جي زراعت ۽ ماحوليات تي اثرانداز ٿي رهيو آهي پر عام ماڻهن جي زندگي ۽ معيشت لاءِ به وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي. سنڌو درياھ، جيڪو سنڌ جي زنده رهڻ جو بنياد آهي، ان مان نون ڪئنالن ڪڍڻ جا منصوبن تي تيزي ساڻ ڪم جاري آھي، پر انهن منصوبن جي نتيجي ۾ سنڌ سڪي بيابان ٿي ويندي.

هي ڪئنال سنڌو درياھ مان پاڻيءَ کي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، جن مان گهڻو ڪري پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ٻين علائقن ۾ وڏين زرعي ۽ صنعتي سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندو. نتيجي ۾ سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽجي رهيو آهي، جيڪو اڳ ئي ڊيمن ۽ ٻين پاڻي جي منصوبن سبب گهٽجي چڪو آهي. سنڌ جي زراعت جو وڏو دارومدار سنڌو درياھ تي آهي، جيڪو هتان جي زرعي زمين کي زندگي ڏئي ٿو، پر جڏهن پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويندو، ته زرعي پيداوار متاثر ٿيندي ۽ هزارين هارين ۽ آبادگارن جي روزگار تي اثر پوندو.

هي منصوبو صرف زراعت تائين محدود ناهي، پر سنڌ جي سامونڊي پٽي تي به ان جا سنگين اثر پوندڙ آھن. سنڌو درياھ جو پاڻي جڏهن سامونڊي علائقن تائين پهچي ٿو، ته اهو کاري پاڻي کي پوئتي ڌڪي ٿو ۽ زمين کي بنجر ٿيڻ کان بچائي ٿو. پر جڏهن درياھ جو وهڪرو گهٽجي وڃي ٿو، ته کارو پاڻي زمين ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، جنهن سان زمين جي زرخيزي مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ مقامي مڇي مارڻ وارا، جيڪي درياھ ۽ سامونڊي جيوت تي ڀاڙين ٿا، پڻ بي روزگار ٿي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.