چيٽ جي پي ٽي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انساني وسيلا ڳڙڪائي ويندي: رپورٽ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اي آءِ چيٽ بوٽ کي غيرضروري ڊگهيون هدايتون ڏيڻ بدران مختصر ۽ سڌي ريت سوال ڪرڻ سان توانائي جي استعمال ۾ نمايان لاٿ آڻي سگهجي ٿي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گڏيل قومن جي اداري جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اي آءِ پرامپٽس مان”مهرباني“، ”توهان جي مهرباني“ ۽ ٻيا غيرضروري لفظ ختم ڪرڻ سان ChatGPT جهڙن نظامن جي توانائي واپرائڻ ۾ 25 سيڪڙو تائين لاٿ اچي سگهي ٿي.رپورٽ موجب اهڙن غيرضروري لفظن کان پاسو ڪرڻ سان هر سال 87 کان 98 گيگا واٽ ڪلاڪ بجلي بچائي سگهجي ٿي، جيڪا آفريڪا جي رڻ پٽ ۾ لڳ ڀڳ 7 لک 60 هزار ماڻهن جي سالياني گهريلو بجلي جي استعمال جي برابر آهي.

ماهرن موجب توانائي جي استعمال ۽ ڪاربن فٽ پرنٽ گهٽائڻ لاءِ واهپيدارن کي مختصر پرامپٽس لکڻ گهرجن، غيرضروري ڊگهين ڳالهه ٻولهه کان بچڻ گهرجي ۽ اي آءِ سان جذباتي لاڳاپا قائم ڪرڻ کان به پاسو ڪرڻ گهرجي. رپورٽ موجب اي آءِ چيٽ بوٽ جي پويان ڪم ڪندڙ وڏا ٻولي ماڊل ننڍن حصن يعني ”ٽوڪنز“ ۾ پروسيس ڪندا آهن. مختصر سوالن سان نه رڳو پروسيس ٿيندڙ ٽوڪنز جو انگ گهٽجي ويندو آهي، پر جواب ۾ پيدا ٿيندڙ ٽوڪنز به گهٽ هوندا آهن، جنهن سان توانائي جي بچت ممڪن ٿئي ٿي.

رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته اي آءِ جي وڌندڙ استعمال سبب توانائي، زمين ۽ پاڻي جي گهرج تيزي سان وڌي رهي آهي. ڄاڻ ملي آهي ته ChatGPT روزانو لڳ ڀڳ 2.5 ارب سوالن جا جواب ڏئي ٿو، جڏهن ته گوگل تي روزانو 16 ارب سرچ ٿين ٿيا، جن مان گهڻين ۾ اي آءِ تي ٻڌل خلاصا شامل هوندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وقت ڊيٽا سينٽرن جي استعمال ٿيندڙ توانائي جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو حصو اي آءِ سان لاڳاپيل آهي، جيڪو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ وڌي 40 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو. اندازو آهي ته 2030ع تائين رڳو اي آءِ ساليانو 378 ٽيرا واٽ ڪلاڪ توانائي استعمال ڪندي، جڏهن ته ڊيٽا سينٽرن جو گڏيل استعمال 945 ٽيرا واٽ ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿو.

ٻئي پاسي رپورٽ موجب 2030ع تائين ڊيٽا سينٽرن لاءِ 9.3 ٽريلين ليٽر پاڻي جي ضرورت پئجي سگهي ٿي، جيڪو آفريڪا رڻ پٽ جي 1.3 ارب ماڻهن جي گهٽ ۾ گهٽ سالياني گهريلو پاڻي جي ضرورتن جي برابر آهي.

ماهرن تجويز ڏني آهي ته اي آءِ ڪمپنين کي پنهنجي توانائي جي استعمال بابت تفصيل عوام آڏو آڻڻ گهرجن، جڏهن ته حڪومتن کي به مناسب ضابطا جوڙڻ گهرجن. ساڳئي وقت عوام کي اي آءِ جو ذميواراڻو ۽ ڪارائتو استعمال سيکارڻ به ضروري آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدارن کي غيرضروري طور اي آءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ممڪن هجي ته گهٽ طاقت وارا ماڊل استعمال ڪيا وڃن. ماهرن اهو به ٻڌايو ته هڪ تصوير تيار ڪرڻ لاءِلڳ ڀڳ 60 ڀيرا وڌيڪ توانائي گهربل هوندي آهي، جڏهن ته پيچيده وڊيو ٺاهڻ لاءِ 8 هزار ڀيرا وڌيڪ توانائي استعمال ٿي سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اي آءِ ڪا خراب ٽيڪنالاجي ناهي، پر ان جو ذميواراڻو ۽ مناسب استعمال ئي ماحولياتي اثرن کي گهٽائڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.