پ پ ڪڏهن به عوام جو ساٿ ناهي ڇڏيو: آصفه ڀٽو

نگر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو نالو آهي، جنهن عوام جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي.
نگر ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ترجيح عوام آهي، هو سمجهي ٿو ته گلگت بلتستان پاڪستان جو فخر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بلاول عوام جي مستقبل، تعليم ۽ ترقي جي ڳالهه ڪري ٿو، هو چاهي ٿو ته هتان جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملن، ڇاڪاڻ ته هتان جا نوجوان بهترين تعليم ۽ بهترين مستقبل جا خواهشمند آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.