بجيٽ کان اڳتي: معيشت جا بنيادي سوال ڪڏهن حل ٿيندا؟

آصف محمود

اسان وٽ بجيٽ کي ڏسڻ جا ٻه روايتي انداز  آهن. هڪ اهو ته حڪومت جو حامي بڻجي ڏٺو وڃي ۽ ٻيو اهو ته حڪومت جي مخالف واري نظر سان ڏٺو وڃي. پهرين صورت ۾ هر بجيٽ شاندار قرار ڏني ويندي آهي ۽ ٻي صورت ۾ هر بجيٽ کي ظالماڻي چيو ويندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بجيٽ کي هر قسم جي سياسي عصبيت کان مٿانهون ٿي، صرف هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان ڏٺو وڃي.

جڏهن اسان ان کي هڪ پاڪستاني طور ڏسون ٿا ته ڪجهه اهم ۽ بنيادي سوال پيدا ٿين ٿا. جيستائين انهن سوالن تي ڳالهه ٻولهه نٿي ڪئي وڃي، تيستائين بجيٽ تي ٿيندڙ هر گفتگو اڻپوري آهي. پهريون سوال اهو آهي ته اسان هڪ زرعي ملڪ آهيون، ته پوءِ ڇا اهو ممڪن آهي ته اسان زراعت کي پنهنجي اوليت بڻائڻ کانسواءِ پنهنجي معيشت کي بهتر ڪري سگهون ۽ هڪ سٺي بجيٽ ڏئي سگهون؟ زراعت هڪ پورو معاشي نظام آهي. ان سان رڳو خوراڪ جو ناڻو (فوڊ باسڪيٽ) ئي نه، پر مڪمل ايگرو انڊسٽري جڙيل آهي. هاڻي جيڪڏهن اسان ان تي توجهه ئي نه ڏيون، پنهنجي زرعي صلاحيت کي صنعتي شڪل (انڊسٽريلائيز) نه ڪري سگهون ۽ ڪڻڪ توڙي کنڊ به ٻاهرين ملڪن مان گهرايون ۽ ان تي اربين ڊالرن جو قيمتي زرمبادلو خرچ ڪري ويهون، ته پوءِ سٺي بجيٽ ڪيئن ٿي ٺهي سگهي؟

ڇا هن وقت به ڪٿي هيءَ ڳالهه بحث هيٺ اچي رهي آهي ته ايران-آمريڪا جنگ جي ڪري اسان لاءِ ڪهڙن ڪهڙن شعبن ۾ ڪهڙا ڪهڙا چيلينج اچي رهيا آهن ۽ اسان انهن سان ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، پنهنجن نقصانن کي ڪيئن گهٽ ڪرڻو آهي ۽ قبولڻ جوڳو متبادل ڪيئن ۽ ڪٿان ڳولڻو آهي؟ چيمبر آف ڪامرس کان وٺي ميڊيا تائين ۽ ميڊيا کان پارليامينٽ تائين، ڇا ڪٿي ڪو بامعنيٰ فڪري بحث سامهون اچي سگهيو آهي ته ايران-آمريڪا جنگ ۾ اسان لاءِ مسئلا ڪهڙا آهن ۽ جيڪڏهن امن قائم ٿي وڃي ٿو ته اسان لاءِ امڪان ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ ۽ اسان انهن امڪانن مان فائدو اڻائڻ لاءِ ڪيتري حد تائين تيار آهيون؟

ياد رهي ته معيشت رڳو حڪومتي پاليسيءَ جو نالو ناهي هوندي، ان ۾ پرائيويٽ (نجي) شعبي جي اهميت تمام گهڻي هوندي آهي، ته پوءِ اسان جو نجي شعبو يعني اسان جو سيڙپڪار ۽ تاجر ڪيتري حد تائين تيار آهي ته انهن امڪانن مان فائدو کڻي سگهي؟ ڇا ڪنهن سطح تي کين رهنمائي فراهم ڪرڻ وارو ڪو آهي، جيڪو کين ٻڌائي سگهي ته بدلجندڙ وقت ۾ ڪهڙن ڪهڙن شعبن ۾ ڪهڙا ڪهڙا امڪان پيدا ٿيڻ وڃن پيا؟ جيڪڏهن هڪ مربوط پاليسي ناهي، ته معيشت جي چيلهه ڪيئن سڌي ٿي سگهي ٿي ۽ سٺي بجيٽ ڪيئن اچي سگهي ٿي؟

18هين ترميم کانپوءِ صوبن ۽ وفاق ۾ جيڪو مالي غيرتوازن (عدم توازن) پيدا ٿي چڪو آهي، ڇا ان کي ختم ڪرڻ ۽ ان ۾ اصلاح آڻڻ کانسواءِ سٺي بجيٽ جي ڪا اميد رکي سگهجي ٿي؟

ڇا ٽيڪس وصوليءَ جو موجوده نظام درست آهي ۽ ڇا هن نظام سان سٺي بجيٽ ڏئي سگهجي ٿي؟ هر سال هر مالي وزير هڪ ئي ڳالهه ڪندو آهي ته ٽيڪس وصوليءَ جو هدف وڌايو پيو وڃي. هاڻي مسئلو اهو آهي ته ٽيڪس وصوليءَ جو دائرو ته وڌي نٿو سگهي ۽ کنوڻ رڳو ان پگهاردار طبقي تي ڪرندي آهي جيڪو ٽيڪس جي ديري ۾ هجڻ ڪري آسان نشانو آهي. معيشت ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ سٺي بجيٽ ڪيئن اچي سگهي ٿي؟

اسان سڀني جي سوچڻ جو اهو آهي ته ڇا ملڪ جي معيشت اَفسر شاهي (بيوروڪريسي) جي مراعتن جي موجوده بندوبست کي برداشت ڪري سگهي ٿي؟ اسان جي 22 هزار بيوروڪريٽس وٽ پرڏيهي شهريت آهي، يعني هزارين فيصلا ڪندڙ پرڏيهي شهري آهن ۽ غريب قوم مٿن بي پناهه خرچ ڪري رهي آهي. هي فيصلا سازي ۽ اهي حيران ڪندڙ مراعتون، معيشت انهن ٻنهي جي متحمل نٿي ٿي سگهي. بيوروڪريسيءَ جو موجوده ڍانچو سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ئي ناهي. هي رڪاوٽ ته وجهي سگهي ٿو، سهولتڪاري نٿو ڪري سگهي. ان ۾ اصلاح ڪرڻ کانسواءِ ڪا به بجيٽ عوام دوست ۽ معيشت دوست نٿي ٿي سگهي. بيوروڪريسي جا شاهي خرچ ئي ايترا آهن جو قومي خزاني کي کائي وڃن ٿا. وصولين کان وڌيڪ اسان جا خرچ اسان جو مسئلو بڻجي چڪا آهن.

قرض ۽ آءِ ايم ايف (IMF) سان جڙيل آهي. قرض ۽ ان تي وياج جي ادائيگيءَ جو حجم دفاعي بجيٽ کان به وڌي چڪو آهي، يعني اسان جيتري رقم پنهنجي دفاع تي لڳايون ٿا، ان کان وڌيڪ رقم قرض ۽ ان جي وياج جا قسط ڏيڻ ۾ هلي ويندي آهي. پردا کڄي چڪا آهن، هاڻي مالي وزير صاف چئي ڏيندا آهن ته وزيراعظم ته ريليف ڏيڻ چاهي ٿو پر آءِ ايم ايف نٿو مڃي. اهڙي حال ۾ هڪ سٺي بجيٽ جي خواهش ڪيتري حد تائين ڪري سگهجي ٿي؟

اهو آهي ته بجيٽ اسان جي حڪومت لاءِ صرف اڪانومي (معيشت) آهي يا هيءَ پوليٽيڪل اڪانومي (سياسي معيشت) به آهي؟ هن سوال جي ٿوري وضاحت ضروري آهي. اڪانومي جو معاملو اهو آهي ته اها صرف انگ اکر ۽ هدف ڏسندي آهي. ايترا پئسا گڏ ڪرڻا آهن، ٽيڪس وڌائي ڇڏيو، گڏ ڪري وٺو، هيءَ اڪانومي آهي. پوليٽيڪل اڪانومي هيءَ هوندي آهي ته انگ اکر ۽ هدف پنهنجي جاءِ تي، پر عوام جو به خيال رکڻو آهي. مالي هدف پورا ڪرڻ لاءِ عوام تي غيرضروري بار نه وڌو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.