ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر جو عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪي ايس ڀارت 32 ورهين جي عمر ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪي ايس ڀارت، 2023 ۽ 2024 دوران ڀارت لاءِ ست ٽيسٽ ميچون کيڏيون، سوشل ميڊيا تي پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ سندس زندگي جو سڀ کان وڏو اعزاز آهي.
ڪي ايس ڀارت ڀارت لاءِ ست ٽيسٽ ميچن جي 12 اننگز ۾ 20.09 جي ايوريج سان 221 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر طور 19 رانديگرن کي آئوٽ پڻ ڪيو.
هن 2023 واري بارڊر-گاواسڪر ٽرافي دوران ڀارتي ٽيم ۾ ڊيبيو ڪيو هو، جڏهن ته سندس بهترين ٽيسٽ اسڪور 44 رنسون رهيو، جيڪو هن احمد آباد ۾ آسٽريليا خلاف ٺاهيو هو، کيس 2023 واري ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ (ڊبليو ٽي سي ) ۾ به ڀارت جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر طور چونڊيو ويو هو.
آءِ پي ايل ۾ ڪي ايس ڀارت رائل چئلينجر بئنگلورو ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي نمائندگي ڪئي.
هن ٽورنامينٽ ۾ 10 ميچن دوران 122.08 جي اسٽرائڪ ريٽ سان 199 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته آءِ پي ايل 2024 ۾ ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز سان گڏ اسپيئر پليئر طور ٽائيٽل کٽڻ ۾ به شامل رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.