سونل کيتي ريٻاري جي ڌيءَ ھئي. ڀاڙڪي نک مان ھئي . سندس ماءُ جو نالو ڪرمان ٻاءُ ھو جيڪا ڀيم نک مان ھئي . سونل واگھي ريٻاري جي پٽ سان منڱايل ھئي . واگھو وانڪل ديوي جو ڀوپو ھو . آل نک مان ھو . ڪڇ ڀڄ جي علائقي انگيو نيرنو ۾ رھندا ھئا . انھيءَ زماني ۾ رتو رائيڌڻ لاکي جاڙاڻي جو پٽ لاکيار ويرو تي راڄ ڪندو ھو .
لاکي جاڙاڻي 1147 کان 1175 تائين ۽ رتي رائيڌڻ 1175 کان 1215 تائين لاکيار ويرو تي راڄ ڪيائون . رتي رائيڌڻ جون چار راڻيون ھيون . پھرين مھاراڻي سُجان ڪونئر ٻاء سوڍا موڪاڙسي ولد اڀي راج جي ڌيءَ ھئي . جنھن مان ڏيڏو جي، اوٺاجي، گجڻ جي پٽ ٿيا . ھڪ لڱا گجڻ شڪار سانگي اچي انگيو نيرنو ۾ رات ترسيو . صبح مھل گھوڙو ٽوڙائي ويو . سونل سھيلين سان گڏ پاڻي ڀري اچي رھي ھئي . گھوڙي جي پڇاڙي تي پير ڏنائين گھوڙو بيھي رھيو . اھو لقاءَ نوڪرن ڏٺو ۽ وڃي گجڻ سان ڳالهه ڪيائون . گجڻ مائٽن کي گھرائي سنڱ گھريو. ريٻاين چيو ت مھلت ڏيو صلاح ڪريون . اھو پڙلاءَ سونل جي ڪن تي پيو. سونل چيو ته اَمي ڌاريون سي ويواه نا ڪرون . اَمي ڪڇ رو پاڻي پيئون تو حرام پيئون . اڳي ماڻھو ڪنواري ڪنيا جي ڳالهه کي وزن ڏيندا ھئا. انھيءَ وقت راتو رات ۾ 12 گھر لڏي اچي ڍوري تي پھتا . ڍورو ڀريو پئي وھيو . ڪيئن اُڪرن . سونل ستي جتي ھئي . وانڪل ڏيوي جي مورتي مٿي تي رکي خدا کي ارداس ڪيائين. يا الله ستين جو ست رک . خدا قدرت پاڻي جي ڇالر اچي بيٺي . انھن مان 6 گھر 1212۾ اُڪري پار پيا . ۽ 6 گھر واپس ويا. ان کان پوءِ وانڪل جو گھيڙ سڏجي ٿو.
عام چوڻي آھي ته جيڻ جائي وانڪو. تيڻ پاڻي تانگھو. اڄ تائين انھيءَ گھيڙ وٽ وانڪل ديوي جو ٿان آھي. جتي ھر سال ڏھاڙو ملھائيندا آھن . انھي زماني۾ ڀونگر سومرو دودي سومري جو والد روپاماڙي تي راڄ ڪندو ھو . ريٻاري وڃي ڀونگر سومري جي سام پيا . ڀونگر سومري سام جھلي . سنڌ ۾ رھندڙ ريٻاري تڏھوڪا آيل آھن. باقي جيڪي 6 گھر واپس ويا . انھن وڃي پارڪر ۽ ڪڇ وسائي، جنھن وڃي ڪڇ وسائي انھيءَ رائيڪي ڪيڙ مان مارئي پيدا ٿي . رائيڪي ڪيڙ وارا ن ٻئي کي سنڱ ڏين ۽ ن وري نيات کان سواءِ ٻئي کان سنڱ وٺن .