اسٽيبلشمينٽ پاران جنرل باجوا کي بچائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور؟

لاهور (عمران شفقت) صحافي انصار عباسي خبر ڏني هئي ته جنرل فيض حميد جي ٽرائل دوران امڪان آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه کي به آندو وڃي. ٻئي پاسي فخر دراني به اهڙي ئي قسم جي خبر ڏني آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه کي جيڪڏهن گواهه طور گهرايو وڃي ته هو پابند آهي. اڳتي هلي ساڳي خبر ۾ هو ٻڌائي ٿو ته فيض حميد جي وڪيل ميان علي اشفاق سان هن رابطو ڪري ان حوالي سان ترديد يا تصديق لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. فخر دراني جي اها خبر مون کي انصار عباسي جي خبر جي ترديد لڳي ٿي. فخر دراني سان ڳالهه ٻولهه ۾ ميان اشفاق چوي ٿو ته منهنجي ته ڪنهن سان ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. ماڻهو پنهنجون خبرون پنهنجي طور تي هلائي ڇڏين ٿا. هن چيو ته اڃا ته اسان سوچيو به ناهي، اڃا ته ٻئي پاسي جي گواهن کي ڏسڻو آهي، اڃا مهينو لڳي سگهي ٿو جنرل فيض حميد جي ٽرائل تي، اسان ان کانپوءِ ڏسنداسين ته جنرل قمر جاويد باجوا کي گهرائڻو آهي يا نه. ٻئي پاسي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بريفنگ دوران ڪنهن هڪ صاحب کان سوال ڪري ورتو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ته آرمي چيف جي حڪمن تي ڪم ڪندو آهي ته ڇا ان کي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويندو؟ ان تي ماحول ۾ تکاڻ نظر اچڻ لڳي ۽ ڪافي دير تائين ان ڳالهه جو اثر محسوس ڪيو ويو. چيو ويو ته ٽرائل ٿي رهيا آهن، فوج ۾ ائين ناهي ٿيندو، جوڳا ثبوت گهربل هوندا آهن. ڊي جي آءِ ايس آءِ هجڻ باوجود کيس پڪڙيو ويو. ڳالهين مان ائين لڳو ته جنرل باجوا خلاف ڪجهه ناهي ٿي رهيو. ٻئي پاسي جنرل باجوا جا انٽرويو ۽ سندس انٽرويو ڪندڙ به موجود آهن. اوهان انهن کي گهرائي وٺو. هن جيڪي انٽرويو ڪيا اهي سياست ۾ ملوث هجڻ جي حوالي سان سندس حلف جي ڀڃڪڙِي آهن. هن رٽائرمينٽ کانپوءِ به انٽرويو ڏنا. لڳي ٿو ته پاڪستان جي فوج آخري حد تائين ويندي ته جنرل باجوا کي بچايو وڃي پر جيستائين قمر جاويد باجوا کي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويندو تيستائين ڪم ٺيڪ نه ٿيندو. ڇو ته پراجيڪٽ عمران خان پاڪستان جي نظام ۾ وڌي چڪو آهي. هن نظام ۾ عدليه، فوج، اسٽيبلشمينٽ ۽ ميڊيا به آهي. اهو نظام ٺاهڻ واري اسٽيبلشمينٽ به آهي اهو ممڪن ناهي ته پراجيڪٽ عمران خان لانچ ڪرڻ واري فوج جي سربراهه کي سزا نه ڏني وڃي. ڀلي کڻي هڪ ڏينهن جي سزا ڇو نٿي اچي، تيستائين پراجيڪٽ عمران خان جي اثرن کان ملڪ کي نٿو بچائي سگهجي. جيڪڏهن پاڪستان کي هلائڻو آهي ته جيئن پرويز مشرف کي نه بچائي سگهيا هئا تيئن ئي جنرل باجوا کي به بچائي نه سگهبو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.