اوٻاوڙي ۾ وڌيڪ ٽي پورهيت اغوا،ڌاڙيلن پاران سي پيڪ روڊ ۾ رنڊڪن جي ڌمڪي

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي ۾ بدامني عروج تي پھچي وئي اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون رات دير سان ڏوھارين جي مريد شاخ لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ گڊو لنڪ روڊ تي ھٿياربندن جي  چڙهائي ھٿيارن جي زور تي ٻن  ڊرائيورن سميت ھڪ ڪلينڊر کي گاڏين مان لاهي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا اغوا ٿي ويلن ۾ صفدر نيازي ،نديم دشتي ،غوث بخش گبول شامل آهن اغوا وارداتن ۾ اضافي سبب علائقي واسي گھرن تائين محدود بڻجي ويا اطلاع باوجود کنڀڙا پوليس ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو ھوڏانھن ڏوھارين پوليس جي رٽ کي چئلينج ڪري ڇڏيو ۽ وڊيو وائرل ڪندي ايس ايس پي گھوٽڪي سميع الله سومرو کي وڊيو بيان ۾ چيو ته پوليس آپريشن دوران اسان تي جيڪي گولا فائر ٿي رھيا آھن ڊرون استعمال ٿين پيا اھي بند ڪر نه ته  سي پيڪ يا ون وي روڊ نه سنڀالي سگھندي اسين سري سرعام اوٻاوڙو شھر تي چڙھائي ماڻھو اغوا ڪري وڌيڪ نقصان پھچائينداسون جنھن کي  روڪڻ تنھنجي پوليس جي وس جي ڳالهھ نه ھوندي ڏوھارين جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ اوٻاوڙو شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خوف حراس پکڙيل آھي جڏھن ته اوٻاوڙو مان اغوا ٿيلن جو تعداد 7 ٿي ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.