پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته. جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته طاقت جي زور تي نتيجا تبديل ڪندا رهيا آهيو، آخر ڪيترو وقت اهو رستو اختيار ڪندا رهندا؟ اهي طريقا ڪيستائين هلندا؟ اهي ڳالهيون هاڻي نه هلنديون، هڪ ڏينهن ايندو ۽ توهان جو انجام حسينه واجد ۽ بشار الاسد جهڙو ٿيندو. ملڪ جي جمهوريت ۽ پارلياماني سياست تي هزارين سوال اٿي رهيا آهن. ملڪ کي اسلامي رياست ٺاهڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي. پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي اسلامي رياست بنائڻ ۾ اسان جي دانشمندن جو پارلياماني ڪردار آهي،. هن چيو ته اسلام جي لاءِ جدوجهد جاري آهي، جاري رهندي، جي يو آءِ هڪ نظرياتي تحريڪ جو نالو آهي، حالتن موجب اسان کي هلڻو پوندوآهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته 99 سيڪڙو اسلامي قانون اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي مشاورت سان ٺهيا، اسان ايوانن کي اهڙن ميمبرن سان ڀري ڇڏيو آهي جن کي اسلام جي باري ۾ ڪا خبر نه آهي، معاشري ۾ فرقيوارانه عنصر موجود آهن. هن چيو ته ٻن هفتن کان منهنجون سرگرميون معطل هيون. هڪ سفير ڪرم واقعي جو ذڪر مون سان ڪيو مون چيو ته اهو 20 کان 22 سالن کان قبائلي جهيڙو آهي. ڪرم ۾ جهيڙو آهي پر باهه پشاور، ڪوهاٽ نه پهتي پر ڪراچي تائين پهچي وئي. اسان کي خبر آهي ته ڪرم جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو. هن چيو ته معاشري کي غلط فهمي جو شڪار نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن اسان معاملن کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته ٻيهر اشتعال ڏياريو ويندو آهي. مون سان به رابطا ڪيا ويا پر مون بندوق نه کنئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته تنگ نظر ۽ جذباتي ماڻهو صورتحال کي سمجهڻ کانسواءِ فتويٰ جاري ڪري رهيا آهن. فتويٰ جاري ڪرڻ لاءِ مقامي ۽ بين الاقوامي حالتن کي سمجهڻ به ضروري آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته فرقن کي حڪومت ۽ رياستي ادارا وڙهائيندا رهيا آهن پوء ان جو الزام ڪنهن ٻئي تي هڻندا آهن، اسان جي رت تي ڊالر ڪمائيندڙن کي ڪو به شرم نه ٿو اچي. هن چيو ته ڪالهه هڪ تڪ جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي چونڊ ٿي، جتي اڳ ۾ اسان جي ساٿي دعويٰ ڪئي هئي ته مان کٽيو آهيان، پولنگ اسٽيشنن جي فارم 45 جو نتيجو به آهي، سڄو فارم 45 پڙهو، جي يو آءِ جو اميدوار کٽيو پر فارم 47 تي ڪو ٻيو کٽي ويو، اسان جو صوبائي امير ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ کي آراو ۽ ڊي آر او سان ملڻ لاءِ اندر وڃڻ ڏنو ويو، ته نه ڊي آر او مليو نه آر او مليو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته حڪومت 26هين آئيني ترميم جي معاملي تي حڪومت جو مقابلو صرف جميعت علماءِ اسلام ڪيو. ان ترميم ۾ پهريون حملو آئين جي آرٽيڪل 8 تي هو جيڪو بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪري ٿو پر اسان انڪار ڪيو.