چمبڙ /ڪراچي(ن ع آ+پ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران چمبڙ شھر ۾ ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مقصود احمد ڀرڳڙي، ڪامريڊ رامون ڪولھي، عثمان لغاري، هادي بخش ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ ملتاني هوٽل کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڪرڙ ريٻاري خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي گرين پاڪستان ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. گرين پاڪستان سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو پروانو آهي. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو وڃي مقصود ڀرڳڙي چيو ته وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي،حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي ته پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، وسيلا کڻي ويندا ته اھا انھن جي ڀل آھي،عثمان لغاري چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي.