شرپسند حوالي نه ڪرڻ تي ڪرم متاثرن جي امداد بند، 3 قبائلي اڳواڻ گرفتار

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه حڪومت ڪرم متاثرن جي وڌيڪ امداد روڪي ڇڏي آهي، جڏهن ته معاهدي تي صحيح نه ڪندڙ 3 قبائلي اڳواڻن ۽ ڊي سي تي حملي ۾ ملوث وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار ڪيا آهن. ذريعن موجب خيبر پختونخواهه  جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪرم جي متاثرن جي مالي مدد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا ۽ سندس حڪم تي بگن ۾ متاثر ٿيل گهرن ۽ دڪانن جي 90 سيڪڙو سروي به مڪمل ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت هاڻي ڪرم متاثرين جي وڌيڪ امداد روڪي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جرڳي جي سربراهن کي وڳوڙِي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. صوبائي حڪومت اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته ڊي سي تي حملي جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، عدم تعاون تي ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته جيڪي به علائقا حڪومت سان سهڪار نه ڪندا انهن جي مالي مدد بند ڪئي ويندي. ٻئي طرف پاراچنار پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪرڻ تي 200 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪرم ضلعي ۾ حالتون خراب ٿيڻ سبب متاثر علائقن ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.  ٻئي طرف مندوري ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن اٿڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته امن معاهدي تي صحيح نه ڪرڻ تي 3 اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. سامان سان ڀريل گاڏين جو قافلو هن وقت تائين تعلقي تعلقي ڪرم کان نه موڪلي سگهيو، خيبرپختونخواهه حڪومت طرفان حساس علائقن ۾ قلم 144 تحت ڪرفيو لاڳو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.