پريالوءِ ڀرسان ناريجا سولنگي تڪرار تان 2 ٻڪريون چاريندڙ ماسات قتل

پريالوءِ/پيرجو ڳوٺ (رپورٽ: صوبل اوڍو+وسيم سنڌي ) پريالوءِ ڀرسان هلندڙ سولنگي ناريجا خوني تڪرار تيز ٿي ويو آهي  ڪالهه پريالوءِ جي ڪچي واري فيض محمد ٻندو ٿاڻي جي حد ڳوٺ کولرا ٻاهران  هٿياربندن پير شاني شاهه وٽ ٻڪريون چاريندڙ پورهيتن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه سڳا ماسات ثناءَالله پٽ ولد صدورو سولنگي ۽ محمد امين ولد مشتاق سولنگي مارجي ويا، هٿياربندفرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع  باوجود حد جي فيض محمد ٻنڊو پوليس هڪ ڪلاڪ دير سان پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش کڻائي تعلقه اسپتال پيرجوڳوٺ مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو ، وارثن ٻڌايو ته سندن سولنگي ناريجا خوني تڪرار سان ڪوبه واسطو تعلق ڪونه آهي بيگناهه اسان جي مزدون کي قتل ڪري اسان سان  ظلم ڪيو ويو آهي،هوڏانهن  علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي،هيل تائين ويڙهه ۾ 7 ڄڻا مارجي چڪا آهن،ميڙ منٿ قافلن باوجود قبيلائي تڪرار جي نالي تي ماڻهو مارڻ جو سلسلو جاري آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.