ڪئنالن ۽ بدامني خلاف 11 جنوري تي مارچ ڪيو ويندو:سردار عبدالرحيم

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سيڪريٽري جنرل ۽ جي ڊي اي جي اطلاعات واري سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ترميم سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ، سنڌ ۾  ڌاڙيلن جي راڄ، بدامني، بيروزگاري، غربت ۽ لاقانونيت خلاف آگاهي مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ 11 ۽ 12 جنوري جو حيدرآباد کان شعوري مارچ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ شروع ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راج خلاف سنڌ بچايو تحريڪ طرفان جي ڊي اي جي مرڪزي قيادت ۾ 11 جنوري تي 12 وڳي بائي پاس حيدرآباد کان ٽنڊوڄام. ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص ۾ شعوري مارچ پهچندو. هن چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ حڪومت عوام کي اسٽريٽ ڪرمنل ۽ چورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي. پر عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.