نئين دهلي(ع آ نيوز) ڀارتي صحافي مڪيش چندراڪر جو لاش رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ نئين سال جي موقعي تي گم ٿيڻ کانپوءِ هڪ سيپٽڪ ٽينڪ مان مليو. پوليس جو چوڻ آهي ته سندس جسم تي سخت زخم هئا. هن جو لاش جمعه تي بيجاپور ۾ هڪ روڊ تعميراتي ٺيڪيدار جي احاطي ۾ هڪ ٽانڪي مان مليو. صحافي جي پوسٽ مارٽم کانپوءِ قتل جو انتها پسند انڪشاف ٿيو، مقتول جي مٿي ۾ 15 زخم هئا، ڳاٽو ڀڳل ۽ دل چيريل هئي. 28 ورهين جي صحافي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کين جگر جا چار ٽڪر مليا آهن. پنج ٽٽل پاسريون، ٽٽل ڳاٽو ۽ چيريل دل ملي.هن چيو ته هن پنهنجي 12 سالن جي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به اهڙو واقعو نه ڏٺو آهي. چندرڪر معدني دولت سان مالا مال رياست ۾ بدعنواني ۽ ماؤ نواز بغاوت جي رپورٽ ڪئي ۽ مشهور يوٽيوب چينل ”بستر جنڪشن“ هلائي. صحافي مڪيش چندراڪر کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪندڙ جوابدار کي آچر جي رات حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب سريش چندراڪر، صحافي ۽ هڪ ٺيڪيدار جو هڪ پري جو مائٽ، قتل جي پويان ماسٽر مائينڊ سمجهيو ويندو آهي. هو قتل جو انڪشاف ٿيڻ کان وٺي گم هو.
-
عمران خان کي بااثر عالمي شخصيتن ۾ شامل ڪرڻ وارو ڪوڙ نڪتو
اسلام آباد (م ڊ) 3 جنوري تي ايڪس جي ڪجهه واهپيدارن دعويٰ ڪئي ته عمران خان کي دنيا جي 500 بااثر مسلمان شخصيتن جي لسٽ ۾ پهرئين 25 اڳواڻن ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر سندس نالو ايڊيشن ۾ درجي بندي جي حوالي سان نه پر اعزاز جي طور تي شامل ڪيو ويو هو. رائل اسلامڪ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز (آر آءِ ايس ايس سي) اردن ۾ جاچ مرڪز آهي. ان جي رپورٽ ۾ ذڪر جوڳين شخصيتن جو به سيڪشن ايندو آهي جن ۾ اهڙن ماڻهن کي جاءِ ڏني ويندي آهي جيڪي مرڪزي درجي بندي ۾ شامل ناهن هوندا پر بااثر سمجهيا ويندا آهن. درجي بندي کان هٽي ڪري انهن کي سندن خدمتن جي ڪري شامل ڪيو ويندو آهي.پاڪستاني سک صحافي هرميت سنگهه دعويٰ ڪئي هئي ته عمران خان کي درجي بندي ۾ 24هين نمبر تي رکيو ويو آهي. صحافي جميل فاروقي به ان کي شيئر ڪيو، لک کن ماڻهن اها پوسٽ ڏٺي. پوءِ پي ٽي آءِ مخالف فرحان ورڪ دعويٰ جي ترديد ڪئي ته اهو ڪوڙ آهي، عمران خان ان لسٽ ۾ شامل ناهي. عمران خان کي ان جاچ مرڪز جي 2025 جي ايڊيشن ۾ ذڪر جوڳين شخصيتن ۾ 24هين نمبر تي رکيو ويو هو پر هو 50 سرگرم شخصيتن جي لسٽ جو حصو نه هو. لسٽ ۾ 50 نالن جي درجا بندي کانپوءِ 450 نالا اعزازي طور شامل ڪيا ويندا آهن. رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو هو ته ٽاپ 50 جي درجيبندي جي لسٽ جي ڀيٽ ۾ اعزازي سيڪشن ۾ داخل نالن جي تربتيت جي ڪا اهميت ناهي.
-
وزيراعظم شهباز شريف 8 جنوري تي ڪراچي جو دورو ڪندو
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي 8 جنوري تي ڪراچي ايندو، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو به دورو ڪندو، وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ هوندا،