ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل طور تي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ شهيد قائد کي ملڪ، قوم ۽ جمهوريت لاءِ ڪيل قيمتي خدمتن عيوض شاندار لفظن ۾ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر سيد اويس شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنھن ۾ سموريون ايجنڊائون ملتوي ڪندي شهيد ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيئر پارلياماني ميمبر نثار احمد کهڙو پاران ايوان ۾ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ شهيد ڀٽو جهڙو عظيم ليڊر ڪڏهن به پيدا ناهي ٿيو، شهيد ڀٽو جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي گڏيل آئين ڏيڻ آهي، جنھن تي قوم کي فخر آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سموري قيادت هميشه آئين جي محافظ رهي آهي ۽ ان جي حفاظت لاءِ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ اسان جي پارٽي جي سموري قيادت پاران قربانيون ڏنيون ويون آھن، سينيئر اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ شهيد ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڀٽو صاحب هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، الله تعاليٰ جو شان آهي جو اڄ به سياسي مخالف بھ کيس مڃين ٿا، اڄ پ پ قائد ۽ ڀٽو شهيد جو ويزن ساڳيو ئي آھي، اھي پاڪستان جي سالميت خلاف ڪا به ڊيل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، اھي عظيم اڳواڻ آھن، شھيد ڀٽو جو فلسفو جيڪڏھن عملي طور تي لاڳو ٿئي تھ ملڪ اندر سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ڀٽو جهڙي ذهين شخصيت جي ضرورت آهي. شرجيل ميمڻ جي تقرير دوران پي ٽي آءِ ميمبرن نعريبازي به ڪئي. جميل سومرو چيو ته شھيد ڀٽو ھن ملڪ کي آئين ڏنو ۽ مسلم دنيا کي گڏ ڪيو، قائد عوام اسلامي دنيا جو مفڪر ۽ رهبر هو. مخالف ڌر جي ميمبر شبير قريشيءَ چيو ته شهيد ڀٽو دنيا جو عظيم ليڊر هو، ڀٽو صاحب جو هڪ ڪارنامو دنيا آڏو ھڪڙو تمام وڏو مثال آھي، ملڪ جي آئين ۾ هن ترميم ڪئي ته جيڪو به آخري نبي صھ کي نه ٿو مڃي، اهو مسلمان ناهي، صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته ڀٽو صاحب جو عدالتي قتل ڪيو ويوآھي، پاڪستان ۾ پارليامينٽ جو وجود به ڀٽو صاحب جي ڪري ئي آهي، امداد پتافي چيو ته عظيم ليڊر جي ڳالهه ته رهجي ويندي پر سندس خدمتن کي لڪائڻ ممڪن ناھي، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ڀٽو جهڙيون عظيم شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن. هن چيو ته شهيد ڀٽو جسماني طور اسان جي وچ ۾ موجود ناهي پر سندس نظريو ۽ فلسفو هميشه اسان جي رهنمائي ڪندو رهي ٿو، جنھن ڪري اسان پنهنجي نظرياتي موقف کان پوئتي نه ھٽي سگھيا آھيون،ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر خيرالنساءِ مغل به پڻ شهيد ڀٽو کي شاندار لفظن ۾خراج عقيدت پيش ڪيو.مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي پنهنجي هڪ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالھائيندي چيو ته گذريل جمعي وارو احتجاج تعليمي ادارن ۾مسئلن سبب هو، تعليمي بورڊن ۾مسئلن جي حل لاءِ حڪومت ڇا ڪيو آهي؟، ان حوالي سان سرڪاري موقف اچڻ گهرجي جيڪڏهن حڪومت مسئلو حل نه ڪيو ته ٻارن جو مستقبل خراب ٿي ويندو. هن چيو ته شاهه فيصل ڪالوني ۾گٽرن جي ڍڪن جي کوٽ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي، هن مطالبو ڪيو ته گٽرن جي ڍڪڻن جي کوٽ سبب فوت ٿيندڙن لاءِ سرڪاري امداد جو اعلان ڪيو وڃي. پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي هڪ هڪ انچ جي مالڪي ڪري ٿي. حڪومت جي نيت ڪڏهن به خراب ناھي رهي. مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني تجويز ڏني ته علي خورشيديءَ سان گڏ ويهي ۽ ٽي آر او ٺاهڻ گھرجي، ٻارن جو مستقبل اسان کي بھ پيارو آهي، حڪومت نه ٿي چاهي ته مين هول جي کوٽ سبب موت ٿين، مان جاچ ضرور ڪندس ته ان ميل ھول تي ڍڪ ڇو نه ڏنل هو. هن چيو ته ڪراچي ۾ 400,000 کان وڌيڪ مين هولن کي ڍڪ لڳايا ويا آهن.