والدين کي ٻارن جي سار سنڀال جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ لاءِ18 مهينن تائين جاري رهندڙ تربيتي پروگرام جنهن جو خاص مقصد ٻارن جي پيدائش کانپوءِ ڊپريشن جي شڪار مردن جي مدد ڪرڻ هو، ان پروگرام جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جنهن کي ” جاما سائيڪيٽري“ نالي رسالي ۾ تفصيل سان شايع ڪيو ويو آهي. ڪينيڊا ۾ يونيورسٽي آف ٽورنٽو ۾ پڙهائيندڙ ڊاڪٽر عشرت حسين ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته جن والدين ان تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، انهن جي ٻارن جي معاشرتي ۽ جذباتي مهارتن جي ارتقا انهن ٻارن جي مقابلي ۾ بهتر هئي جن ان قسم جي ڪا تربيت ئي حاصل ناهي ڪئي.
مردن ۾ ڊپريشن جي سڃاڻپ مشڪل ڇو آهي ؟
پاڪستان ۾ زچگي کانپوءِ عورتون ڊپريشن جو شڪار هونديون آهن، هڪ سروي ان حوالي سان به ڪئي وئي آهي. جڏهن اسان جي ٽيم اهڙين ڳورهارين عورتن يا ويم کانپوءِ صحت مند ٿيل عورتن تي ڪم ڪري رهي هئي، ته ان وقت اسان جو واسطو انهن عورتن جي مڙسن سان به پيو هو، انهن کان انٽرويو ڪيا ويا جن ۾ اسان کي خبر پئي ته اهڙي ڊپريشن جو شڪار نه صرف عورتون آهن، پر انهن جا مرد به ساڳي ڊپريشن جو شڪار آهن، پر انهن کي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ان تحقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته زچگي کانپوءِ ڊپريشن ( پوسٽپارٽم ڊپريشن) جي شڪار عورتن کي ڏني ويندڙ معلومات يا مدد مردن لاءِ به ڪافي حد تائين مددگار ثابت ٿي آهي، خاص طور تي ان سان گڏ اهڙين دوائن جو استعمال به جاري رکيو وڃي. ڇو جو مرد هميشه پنهنجي زال جي تمام گهڻو ويجهو هوندو آهي. جڏهن اها پيٽ سان ٿيندي آهي ته اها عورت اڪثر ڪري پنهنجا پيچيده معاملا پنهنجي مڙس سان شيئر ڪندي آهي، ان ڪري اڪثر مرد پاڻ اهڙن معاملن تي مونجهارن جو شڪار ٿي ويندا آهن، هو اڪثر ڪري پريشان رهڻ شروع ٿيندا آهن، ته آخر سندس همسفر جي ڪهڙي حالت ٿيندي، نتيجو ڪهڙو نڪرندو، ان ڪري اها ڊپريشن ٻنهي ۾ هڪ ئي وقت جنم وٺي وڌڻ شروع ڪندي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته مردن ۾ ٻار جي پيدائش کانپوءِ ڊپريشن کي اڪثر ڪري نظر انداز ڪيو ويندو آهي. ان ڪري ماڻهن کي ان ڳالهه جو علم به ناهي هوندو ته ان جو علاج به دستياب آهي يا ناهي. ان کانسواءِ زچگي کانپوءِ ڊپريشن سان جڙيل سماجي ۽ ثقافتي سببن تي ٿيل تحقيق گهڻي حد تائين محدود به آهي. جڏهن ته اڃا سوڌو اهو به واضح ناهي ته والدين لاءِ پاليسي سطح تائين جي تبديلين، جهڙوڪ، ”پيرنٽل ليو“ والدين جي ذهني صحت لاءِ موثر ثابت ٿيندي.
ڊپريشن جا سبب ڪهڙا آهن ؟
پوسٽپارٽم ڊپريشن جي شڪار مائرن ۾ عام طور تي ڪاوڙ ۽ بيچيني جا آثار نظر ايندا آهن. جڏهن ته مردن ۾ ڊپريشن جون علامتون ڪي گهڻيون واضح ناهن هونديون. مردن ۾ظاهر ٿيندڙ انهن علامتن ۾هر ننڍي وڏي ڳالهه تي چڙ کائڻ، ڪاوڙ، اڪيلائي يا ٻارن سان وقت گذارڻ کان پاسو ڪرڻ، منشيات جو استعمال، جوا کيڏڻ، يا وري ٻين منفي سرگرمين ۾ ملوث ٿي وڃڻ، ڪم جي ڪارڪردگي گهٽجي وڃن، يا وري ڪم کي ضرورت کان وڌيڪ وقت ڏيڻ، جسماني طور ٿڪاوٽ، مٿي جو سور شامل آهن. والدين ۾ ڊپريشن ٻارن جي ذهني صلاحيت کي به متاثر ڪري سگهي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ ٻار جي رويي ۾ منفي تبديليون اچڻ شروع ٿي وينديون آهن. جهڙوڪ ڪاوڙ ڪرڻ، ناراض رهڻ، بيچيني سان ورتاءُ شامل آهن، اهڙي طريقي سان ان ٻار جو پنهنجي والدين سان ورتاءُ متاثر ٿي وينديو آهي. ان ٻار تي مرتب ٿيندڙ اهڙا رويا سندس ٻالڪپڻ تائين محدود ناهن هوندا، پر ٻار جيئن جيئن وڏو ٿيندو آهي، ته اهي علامتون ان ۾ منتقل ٿينديون وينديون آهن ۽ جڏهن هو جوان ٿي ويندو آهي ته اهي سڀ شيون ان ۾ واضح طور نظر اچڻ شروع ٿي وينديون آهن.
پوسٽپارٽم ڊپريشن ڇو ٿيندو آهي ؟
ڊاڪٽر عشرت حسين جو چوڻ آهي ته ڊپريشن مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ ڪيترن ئي سببن جي ڪري به ٿيندو آهي. انهن سببن ۾حياتياتي جز به شامل آهي، جيئن جينياتي طور تي ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ، ان سان گڏو گڏ نفسياتي سبب به موجود آهن، جئين خود اعتمادي ۾ ڪمي به شامل آهي. جڏهن ته سماجي عمل به ان ۾ گهڻو ڪم ڏيکارين ٿا، جيئن مالي مشڪلاتون، سماجي اڪيلائي، جيڪي والدين اڪثر ڪري محسوس ڪندا آهن، اهي به بنيادي سبب ئي آهن. حمل دوران عورتن جي دماغ ۾ خاص تبديليون اينديون آهن، ۽ ٻار جي پيدائش کانپوءِ هارمونز ۾ لاها چاڙها پيدا ٿيندا آهن. جيڪي ان جي مزاج تي اثر انداز به ٿيندا آهن. مردن ۾ اهي تبديليون ايتريون نمايان ناهن هونديون. پر تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ٻار جي پيدائڻ کانپوءِ مرد به پنهنجي هارمونز ۾ ڪجهه تبديليون محسوس ڪندا آهن، جيڪي سندس ذهني حالت کي متاثر ڪندا آهن.
قديم دور ۾ به ان ڊپريشن کي هڪ بيماري سمجهيو ويندو هو. پر 20 صدي جي شروع ۾ جرمن ماهر نفسيات ايمل ڪريفلن جنهن ڊپريشن کي هڪ اصطلاح طور استعمال ڪيو، ۽ هاڻ پوري دنيا ۾ نفسيات جا ماهر پريشان آهن ته اها بيماري گهٽجڻ بجاءِ وڌنڌي پئي وڃي. خاص طور تي نوجوان نسل ۾ اها تيزي سان وڌي رهي آهي. ماهر نفسيات انتونيا ايراسورس جو چوڻ آهي ته اهو هڪ عارضو آهي جيڪو شديد علامتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، صحت جي عالمي اداري جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر سال 8 لک ماڻهو پنهنجي زندگين مان جان ڇڏائڻ لاءِ موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن. جڏهن ته هزارين يا لکين ماڻهو گهريلو ٽوٽڪن يا وري مذهبي طور تي علاج جي غرض سان پنهنجي حياتي وڃائي ويهندا آهن. يعني پوري دنيا ۾ هر چاليهه سيڪنڊ ۾ هڪ شخص ڊپريشن جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي.
موجوده دور ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿي ويون آهن يا ڪيون ويون آهن،ان مان هر ماڻهو سخت پريشان آهي، ماڻهن جون ضروتون وڌي ويون آهن، آمدني گهٽ آهي، گهريلو مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، بيروزگاري ۽ ٻيا ڪيترائي سماجي سبب آهن جنهن ڪري هر ماڻهو سخت پريشان آهي، جيڪي شيون مسلسل پريشاني جو سبب بڻجي سگهن ٿيون اهو آهي ذهني دٻاءُ، زندگي جا تڪليف ڏيندڙ واقعا ۽ جينز شامل آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته ذهني دٻاءُ گهٽ وٺو، سٺو کائو، ورزش ڪيو، صحت مند رهڻ سان گڏ خوش رهو ته اوهان جي زندگي بهتر ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ضروري به آهي ته اوهان سان جيڪي به مسئلا آهن اهي ٻين سان شيئر ڪيو، انهن جو سماجي حل اوهان کي پاڻ ئي ملي ويندو ۽ اهڙي ڊپريشن کان بچي ويندا.سا