”اڙان“ پاڪستان پروگرام تي عمل جي ڳالھه

وفاقي حڪومت  ”اڙان پاڪستان “ جي نالي سان ھڪ پروگرام جو اعلان ڪيو آھي.سرڪار ھن ڏھن سالن جي معاشي پروگرام کي ”گيم چينجز“ قرار ڏئي رھي آھي.جڏھن تھ ڪيترائي مبصر ان کي زميني حقيقت جي ابتڙ بھ قرار ڏئي رھيا آھن.  وفاقي حڪومت ’اُڙان پاڪستان‘  ۾ معاشي ترقي، برآمدات ۽ گڏوگڏ سماجي شعبن لاءِ  تمام وڏا هدف مقرر ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف 30 ڊسمبر تي ان پروگرام جو باضابطا افتتاح ڪيو.اهڙي وقت ۾ جڏهن حڪومت ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جي دعويٰ ڪري رهي آهي.آءِ ايم ايف کان ست ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي حوالي سان پاڪستان ٽيڪسيشن، نجڪاري ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سڌارن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.تڏھن اھڙي رٿا جي اعلان سان ملڪ ۾ ڪئين بحث بھ شروع ٿي ويا آھن.

”اُڙان پاڪستان“ تحت ايندڙ پنجن ۽ ڊگهي مدي لاءِ سال 2035ع تائين معاشي هدف مقرر ڪيا ويا آهن. مثال طور، ملڪ جي ترقي جي شرح کي پنجن سالن ۾ ڇهه سيڪڙو وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي ۽ 2035 تائين مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي سائيز کي هڪ ٽريلين ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته هن وقت پاڪستان جي، جي ڊي پي 374 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي.

مبصرن جي راءِ موجب ايندڙ پنجن سالن لاءِ مقرر ڪيل وڏا هدف ملڪ جي موجوده معاشي اشارن جي مقابلي ۾ ’امڪاني‘ آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان کي حاصل ڪرڻ مشڪل آهي ڇو ته هڪ طرف پاڪستان ۾ سياسي بحران جو ڪو به حل  نھ ڳوليو پيو وڃي ۽ ٻيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن سبب سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ آڻڻ  خاصو ڏکيو عمل آھي.چيو پيو وڃي تھ اڙان پاڪستان هڪ جامع قومي اقتصادي تبديلي واري رٿا آهي.پروگرام جو مقصد ملڪ کي مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معيشت ۾ مقابلي  جي قابل بڻائڻ آهي.اسان سمجھون ٿا تھ ڪجهه بنيادي ڳالھين کي مڪمل نظر انداز ڪيو ويو آھي يا وري تڙتڪڙ ۾ ان پاسي ڏانھن ڌيان ڏيڻ جي جو وقت ئي نھ ملي سگھيو آھي.

اھو اصول آھي تھ سياسي استحڪام، امن امان ، سماجي انصاف، قانون تي عملداري ۽ عوام جي شرڪت سان ئي باقي مقصد حاصل ٿي سگھن ٿا. بدقسمتي سان ورھين کان شروع ٿيل سياسي بي يقيني گھٽجڻ جو ڪو امڪان نظر نھ پيو اچي، ملڪ ۾ لڳاتار دھشتگردي جي واقعن دنيا جي سيڙپڪارن ۽ واپارين کي ڇرڪائي وڌو آھي.ايتري تائين جو پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ پاڙيسري ملڪ چين پڻ ڪيترن ئي معاملن ۾ ڳڻتي ۾ ورتل رھي ٿو.قانون جي عمل  نھ ھئڻ برابر آھي، اظھار آزادي جو نعور تھ لڳي ٿو پر عملي طور ان جو گلو گھٽيو پيو وڃي، سماجي انصاف نھ ھئڻ برابر آھي، عدالتن ۾ سالن کان ڪيس التوا ۾ پيا آھن، ماڻھن جون زندگيون ڳري ٿيون وڃن اھي نٿا اڪلجن، مذھبي تنگ نظري نھ رڳو عروج تي آھي پر ان کي ھڪ عرصي کان ڄڻ پوکيو ويو آھي.

فيبروري 2024 جي چونڊن کي دنيا ڌانڌلي واريون چونڊون سمجھي ٿي.سو اھڙي ماحول ۾ ڪا وڏي ڳالھھ ڪري تھ سگھجي ٿي پر ان تي عمل ٿيڻ بعد ئي ان جا نتيجا ايندا آھن.تنھن ڪري ملڪ جا معاشي ماھر ۽ سياسي مبصر سمجھن ٿا تھ اھو سڀ ڪجهه ايترو سولو نھ آھي.

ذڪر ڪيل پروگرام ۾پنج وڏا ھدف مقرر ڪيا ويا آھن.ھڪ ايڪسپورٽ تي ٻڌل معيشت، ٻيو ڊجيٽل انقلاب ۽ ٽيون موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ ، چوٿون توانائي ۽ انفراسٽرڪچر آهي ۽ پنجون برابري تي ٻڌل سماج جي تعمير آهي.مقرر هدف  موجب پنجن سالن ۾ ايڪسپورٽ کي هر سال 60 بلين ڊالرن تائين وڌائڻ آھي.ياد رهي ته پاڪستان جي برآمدات جو موجوده حجم 30 ارب ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي. اهڙي طرح جي ڊي پي جي واڌ جي شرح کي ايندڙ پنجن سالن ۾ 6 سيڪڙو تائين آڻڻو آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ترقي جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ رهي آهي.

اي-پاڪستان جي شعبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فري لانسنگ انڊسٽري کي ايندڙ پنجن سالن ۾ 5 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ هر سال ٻه لک آءِ ٽي گريجوئيٽ پيدا ڪرڻا آھن.

موسمياتي تبديليءَ  جي ميدان ۾ايندڙ پنجن سالن ۾ گرين هائوس گيسز ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، پوکي لائق زراعت زمين ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ۽ 10 ملين هيڪٽرن فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش مقرر ڪئي وئي آهي.توانائي جي شعبي ۾ قابل تجديد توانائي جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو ۽ سماجي برابري جي شعبي ۾ غربت جي شرح ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻي آهي.

عالمي بينڪ جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي ۽  اندازي موجب سال 2026 تائين اها شرح 40 سيڪڙو کان مٿي رهڻ جو امڪان آهي.عوامي شرڪت لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي وڏي پيماني تي ترقياتي منصوبا پڻ هن پروگرام جو حصو آهن.ماحولياتي تحفظ جي شعبي ۾ پائيدار ترقي لاءِ قدرتي وسيلن جو بهتر استعمال ٿيندو، جڏهن ته ان شعبي ۾ سماجي برابري ۾ عورتن ۽ نوجوانن کي شامل ڪيو ويندو.

اڙان پاڪستان ۾ مقرر ڪيل هدف پاڪستان جي معيشت جي موجوده اشارن جي مقابلي ۾ تمام وڏا آهن ۽ معاشي ماهر پنجن سالن ۾ انهن جي حاصلات جي باري ۾ تمام گهڻو پراميد نه آهن. زميني حقيقتون، جهڙوڪ سياسي بي يقيبي ۽ بدامني ان جي مقصدن  ۾ وڏيون رڪاوٽون ھونديون.پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ان پروگرام جي ٻن ٽن سالن کانپوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.پر مبصرن جو چوڻ آھي تھ لڳ ڀڳ ساڳي ڳالھھ ماضي جون حڪومتون  ڪيترائي ڀيرا چئي چڪيون آھن.ته هي پروگرام آخري آهي پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان 25 ڀيرا آءِ ايم ايف کان قرض ورتو آھي.تنھن ڪري جيڪڏھن رڳو ڳالھين سان ڪو نتيجو اچي وڃي ھا تھ اھو اڳ ئي ٿي وڃي ھا، اصل ڳالھھ ان تي عمل جي آھي، جنھن جو سڀني کي انتطار آھي. سو اھو فيصلو وقت ۽ حالتون ئي ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.