پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به بيڪ ڊور چينل ناهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار ۽ حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف سان ڳالهين ۾ عمران خان جي آزادي بابت ڪا به اڳڀرائي يا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهيون جاري رهنديون، ٽيون اجلاس ايندڙ هفتي ٿيندو. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي  ته پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به بيڪ ڊور چينل ناهي، اڳ ۾ ڪنهن نه ٻڌايو هو ته پي ٽي آءِ جي باني کي 15 ڏينهن ۾ آزاد ڪيو ويندو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ طرفان اسان کي ڳالهين لاءِ نه چيو ويو آهي ۽ نه روڪيو ويو آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڳالهين جي ميز تي آئي آهي ته ان جو استقبال ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.