ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گھڻي وقت کان پوءِ گذريل ڏھاڙي گھرايو ويو، جنھن تحٽ گذريل ڏينھن وارو اجلاس پهريون ھو، تلاوت ۽ نعت کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني جي صدارت هيٺ ايوان جي ڪارروائي شروع ٿي ته مخالف ڌر جي ميمبرن پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ لاءِ وقتي اسپيڪر کان اجازت گهري، جنهن تي وقتي اسپيڪر مخالف ڌر جي ميمبرن کي چيو تھ اچو سوالن جوابن جي وقفي کي شروع ڪيون، توھان کي جيڪو ڪجھھ چوڻو آھي، اھو بعد ۾ چئجو. اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي سان لاڳاپيل سوال وقفي وقفي سان شروع ڪيو. جڏھن ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪيا تھ مخالف ڌر جي ميمبرن پنھنجين سيٽن تي بيھي زور سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تھ پھرئين اسان کي ڳالھائڻ جي اجازت ڏيو، جيڪڏھن ڳالھائڻ جي اجازت نھ ٿا ڏيو تھ پوءِ اسان واڪ آئوٽ ٿا ڪيون، ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر ڊاڪٽر فوزيه اسپيڪر کي چيو تھ اسان چاهيون ٿا ته پهرئين ڪراچي جي اهم مسئلي تي بحث ڪيو وڃي.اسپيڪر چيو ته مان توهان کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار نه ٿو ڪريان، پر ان مسئلي تي بعد ۾ڳالهائينداسين. ان موقعي تي مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ گوڙ شروع ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسيمبلي اعجازالحق چيو تھ سنڌ جا ٻار روئي رهيا آهن ته ميٽرڪ ۾ اي ون گريڊ پاس ڪندڙ ٻار انٽر ۾ ڪيئن نا پاس ٿيا ؟ ۽ امتحانن جا ايترا خراب نتيجا ڇو آيا آهن؟ ميڊيڪل جي شاگردن جا نتيجابھ ٺيڪ ظاھر نھ ڪيا ويا آھن، اھو ڪراچي جي ٻارن جي مستقبل جو معاملو آهي، جنھن تي اسان خاموش نٿا رهي سگهون. هن چيو ته ڪراچي جي ٻارن کي پوئتي ڇو ڌڪيو پيو وڃي؟ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار ايم ڪيو ايم جي ميمبر اعجازالحق کي چيو ته ايوان ۾ سندس ڳالهه سامهون اچي وئي آهي، هاڻي پنهنجي سيٽ تي وڃي ويهو، پر پارلياماني معاملن واري وزير جي لفظن جو مٿس ڪوبھ اثر نھ ٿيو ۽ ايم ڪيو ايم ميمبر نعرا هڻندا رهيا. ايوان ۾ گوڙ دوران صوبائي وزير ايڪسائيز چيو تھ پراپرٽي ٽيڪس کي ھاڻي ايڪسائيز جي لسٽ مان ڪڍيو ويو آھي ۽ اھا ٽيڪس ھاڻي بلدياتي ڪائونسل وصول ڪندي. هن چيو ته 2023ع کان پراپرٽي ٽيڪس ضلعي ڪائونسلن ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي. ايوان جي ڪارروائي دوران پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار ايوان ۾شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ فيڊرل ازم بل 2024ع پيش ڪيو. جنهن کي وقتي اسپيڪر وڌيڪ غور ويچار ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي ڏانھن موڪليو، ڪاميٽي پاران اھو بل ڏهن ڏينهن اندرپنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ايوان ۾پ پ ميمبر هير اسماعيل سوهو پاران صوبي ۾ موبائل فون ڪالز جي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ انٽرنيٽ سروس جي بهتري بابت بحث لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ايوان ۾ اڱاري ڏينهن پرائيويٽ ميمبرن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٺهراءُ تي بحث ڪيو ويندو ۽ ان مقصد لاءِ هڪ ڪلاڪ جو وقت رکيو ويو. ايوان جي ڪارروائي دوران پ پ جي عورت ميمبر ماروي فصيح جي غير حاضري سبب پيش ڪيل استحقاق جي رٿ تي بحث نھ ٿي سگھيو، جيڪو هن خاص تعليم کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري طحه فاروقي پاران سخت ۽ جارحاڻو رويو اختيار ڪرڻ بابت جمع ڪرايو هو. ايجنڊا مڪمل ٿيڻ تي وقتي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن، ساڍي 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو.