لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾24 مان 20 ڊائلاسز مشينون خراب، مريض دربدر

لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي 24 ڊائلاسز جي مشينن مان رڳو 4 مشينون هلڻ جي قابل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، باقي 20 مشينون گذريل وڏي عرصي کان خراب پيل آهن. اسپتال جي نيفرولاجي شعبي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر غلام عباس قادري خراب پيل ڊائلاسز مشينن کي هنگامي بنيادن تي ٺهرائڻ لاءِ اسپتال جي ايم  ايس کي هڪ خط پڻ لکي ڇڏيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي جي وڏي سرڪاري چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سميت بلوچستان مان وڏي تعداد ۾ ڊائلاسز جا مريض اچن ٿا. پر اسپتال ۾ ڊائلاسز جي 24 مشينن مان  20 مشينون خراب پيل آهن، جڏهن ته رڳو 4 مشينون هلڻ جي قابل آهن. انهن 4 هلندڙ مشينن مان هڪ مشين ايڇ آءِ وي ۽ 3 مشينون هيپاٽائيٽس سي ۽ عام ڊائلاسز جي مريضن جي لاءِ هلن ٿيون. مريضن جي رش سبب ڊائلاسز جا مريض سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڊائلاسز جي لاءِ مريضن جون قطارون لڳل رهن ٿيون يا وري مريضن کي تاريخ ڏئي روانو ڪيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ اسپتال جي نيفرولاجي شعبي جي هيڊ آف ڊپارٽميينٽ ڊاڪٽر غلام عباس قادري پهرين جنوري تي اسپتال جي ايم ايس کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته اسپتال ۾ ڊائلاسز مشينن جو تعداد 24 آهي، جن مان 6 مشينون نيفرولاجي شعبي وٽ آهن، انهن 6 مشينن مان رڳو 3 مشينون ڪم جي قابل آهن. ان ڪري لاڳاپيل انتظاميا کي وقت سر آگاهه ڪري رهيا آهيون، اسان جا مريض ڊائلاسز جون مشينون نه هجڻ ڪري تمام گهڻو ڀوڳي رهيا آهن ۽ چڱي نموني سان ڊائلاسز نٿي ٿي سگهي. مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته خراب پيل ڊائلاسز مشينن جي مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن مريضن کي مشڪلاتن کان بچائي سگهجي.

ڊائلاسز مشينن جي کوٽ سبب ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو: مريض

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جو چوڻ هو ته ڊائلاسز مشينن جي کوٽ سبب اسان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. گهڻو خرچ ڪري لاڙڪاڻي بجاءِ ڊائلاسز لاءِ سکر ۽ ڪراچي وڃڻو  ٿو پوي. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته چانڊڪا اسپتال ۾ڊائلاسز مشينن جي خرابي جي ڪري  روزانو وڏي تعداد ۾ ايندڙ مريض پريشان ٿين ٿا، غريب ۽ مسڪين مريضن وٽ ايترا وسيلا ناهن جو ٻين وڏن شهرن ڏانهن وڃي ڊائلاسز ڪرائي سگهن. انتظاميا کي ترت ئي مريضن جي پريشاني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن.

خراب پيل ڊائلاسز مشينن کي ھنگامي بنيادن تي ٺھرايو وڃي: سول سوسائٽي

لاڙڪاڻو: شھرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن اھڙي صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چونڊيل نمائندن ، صحت کاتي  جي وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان گھر ڪئي آھي ته خراب پيل ڊائلاسز مشينن کي ھنگامي بنيادن تي ٺھرايو وڃي يا نيون مشينون ڏنيون وڃن ته جيئن مريضن کي تڪليف کان بچائي سگھجي .

هن وقت 5 مشينون هلي رهيون آهن: ايم ايس ڊاڪٽر نياز ڏهر

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نياز حسين ڏھر عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو هن وقت ڊائلاسز وارڊ ۾ 5 مشينون هلي رهيون آهن ۽ اسان صحت کاتي کي ڊائلاسز مشينن جي لاءِ ليٽر لکي ٿڪجي پيا آهيون.  هن وقت تائين چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال کي نيون مشينون نه ملي سگهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.