اسلام آباد(م ڊ)ديني تعليم واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عظيم الدين زاهد لکوي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ مدرسا رجسٽر ٿيڻ نٿا چاهين، ان حوالي سان اسان کي ڪو به سبب نه ٻڌايو ويو آهي،مسٽر ۽ مولانا جو فرق ختم ٿيڻ گهرجي،قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته جن مدرسن سان اسان جو معاهدو ٿيو هو انهن کي بنا ڪنهن سبب جي رجسٽر ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي،هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا مدرسا رجسٽرڊ ٿيڻ نٿا چاهين،اسان مدرسن جي تدريسي نظام يا نصاب ۾ مداخلت نه ڪنداسين، انهن مدرسن جي رجسٽريشن ضروري هئي، جيڪڏهن پارليامينٽ آرڊيننس پاس ڪري ته اسان لاءِ رهنمائي ٿي ويندي،ڪميٽي ميمبر اسلم گهمن سوال اٿاريو ته اسان جي مدرسن ۾ ڪيترا افغان شاگرد پڙهن ٿا؟ مذهبي تعليم جي ڊائريڪٽر چيو ته مون وٽ اڃا تائين اهڙي ڪا به ڊيٽا ناهي.