ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته وزیراعظم جو قومي اقتصادي پروگرام اڏام پاڪستان ميثاق معيشت ۽ سياسي استحڪام سان ئي ممڪن آهي. سڄي ملڪ ۾ بدامني ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ جو آهي. جماعت اسلامي 12 جنوري تي بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ سکر ۾ هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪندي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي سان ملاقات دوران ڪيو. صوبائي امير ش ڀ اڳواڻ کي جماعت اسلامي سنڌ طرفان 12 جنوري تي سکر ۾ رٿيل بدامني خلاف ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوت نامو پڻ ڏنو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت قرض کڻڻ ۾ رڪارڊ قائم ڪري قوم جي ٻچي ٻچي کي قرضي بڻايو آهي. ڪوڙ ۽ خيرات سان ملڪ نٿو هلي سگھي. حڪومت ٽيڪس جي شرح وڌائڻ بجاءِ ملڪ ۾ وڏن ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽارگٽ ڪري عوام جي زندگي آساني بڻائي.