اسلام آباد(عمران شفقت)خبرون آهن ته عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ آهي ۽ هوءَ گارنٽي ڏئي رهي آهي ته جيڪڏهن هن جي مڙس کي آزاد ڪيو وڃي ته هو 2028ع تائين سياست ۾ مداخلت کان بغير بني گالا ۾ رهي سگهي ٿو،هڪ پاسي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي گهر تائين محدود ٿي ويو آهي ته ٻئي پاسي معافي تلافي جي صورت ۾ عمران خان جي بني گالا ۾ خاموشي سان ويهڻ لاءِ راضي ٿيڻ جون خبرون گردش ۾ آهن،جڏهن ته جنرل باجوا گذريل مهيني جنرل فيصل نصير جي پٽ جي شادي ۾ شريڪ ٿيو هو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شريڪ ٿيو هو،اهو به قدرت جو نظام آهي ته آرمي چيف جي آمد جو جيڪو روٽ لڳل هو ان ۾ جنرل(ر)باجوا ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهيو،جڏهن ته هڪ باخبر صحافي نورالله جي رپورٽ موجب جنرل باجوا جي ملاقاتن تي پابندي جو معاملو مهيني کان به پراڻو آهي،هڪ ڀيري باجوا پنهنجي سيڪيورٽي عملي سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو ته اهو اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي فورسز جون گاڏيون سندس قافلي سان گڏ وٽس پهتيون،هن کي گاڏي مان به لهڻ نه ڏنو ويو،هڪ فوجي ڪيپٽن کيس فون تي هاءِ ڪمانڊ وارن سان ڳالهرايو جن باجوا کي چيو ته توهان گهران ڇو نڪتا آهيو؟باجوا جواب ڏنو ته مان گهر ويهي ويهي تنگ اچي ويو هئس،اکين جو چيڪ اپ ڪرائڻ وڃي رهيو آهيان،باجوا کي چيو ويو ته سر ! توهان گهر ۾ ئي ويهي رهو،اکين جو معائنو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر توهان وٽ گهر ئي پهچي ويندا،ٻئي ڀيري هڪ صحافي سان به باجوا جي ملاقات طئي ٿي،صحافي سندس گهر پهتو ته ان کي رٽائرڊ جنرل سان ملڻ نه ڏنو ويو،جڏهن ته جيستائين اسٽيبلشمينٽ پراجيڪٽ عمران خان جو باضابطا اعتراف نه ڪندي تيستائين اهو پراجيڪٽ ختم نه ٿيندو ڇو ته عمران خان هڪ سياسي حقيقت بڻجي چڪو آهي،جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد پاڪستان سان وڏي جٺ ڪئي آهي،جنرل فيض اڪيلو ڪجهه به ناهي،باجوا کي به ڪاٺ ۾ هڻڻو پوندو،پراجيڪٽ عمران اسٽيبلشمينٽ جو وقار ختم ڪري ڇڏيو آهي،اسٽيبلشمينٽ کي اعتراف ڪرڻو پوندو ته باجوا،فيض حميد ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي،اسان انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو آهي،ان طرح سياست ۾ مداخلت ڪندڙ جنرلن کان اسان لاتعلقي ڏيکاريون ٿا پوءِ وڃي اهو ڪم رڪجندو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 03 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو