اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي.
عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب، صبح سويري استور ۾ گرمي پد ڪاٽو 3، اسڪرو ۾ ڪاٽو 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪاڊ ڪيو ويو.
فيصل آباد 5، سيالڪوٽ 6، راولپنڊي 7، ملتان 8 ، لاهور ۾ 9 جڏهن ته ڪراچي ۾ گرمي پد 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا، اتر بلوچستان، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
هوڏانهن پنجاب جا ميداني علائقا ڪوهيڙي جي ور چڙهيل آهن، جنهن سبب ڪيتريون موٽر ويز ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيون ويون آهن.
موٽر وي ايم 2 اسلام آباد کان لاهور تائين هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند آهي، ايم 3 فيض پور کان جڙانوالا تائين بند ڪئي ويئي آهي.
گجرات شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي ۽ سموگ سبب نظر جي حد متاثر آهي.
پي ڊي ايم اي اختيارين جو چوڻ آهي ته شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، سفر دوران گاڏي آهستي هلائين ۽ فوگ لائيٽس جو استعمال ڪيو وڃي.
You might also like