مدرسا رجسٽريشن تڪراري بڻائڻ لاءِ عالمن ۾ ڏڦيڙ پکيڙيو ويو:غفور حيدري

خانپور(ن ع آ)  مدرسه بحر العلوم ڪريمي ۾ جي يو آءِ تعلقي خانپور جي امير مولانا غلام قادر بروھي جي مدرسي ۾ سالانه  ختم بخاري و جلسه عام جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ جي يو آءِجي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالغفور حيدري،مولانا عبدالقيوم ھاليجوي ، مولانا ناصر محمود سومرو ،مولانا سراج احمد شاھ امروٽي ، مولانا سعود افضل ھاليجوي مولانا عبدالله مھر  عبيدالله بروھي حافظ منيب سومرو مولانا عنايت الله بروھي حافظ عبدالغفور سومرو مولانا عبدالباسط سومرو سيف الرحمان آرائين  علماء ڪرام حفاظ ڪرام  ۽ ٻين ختم بخاري و جلسه عام کي خطاب ڪيو ،مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن جلسي توڙي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن جي مسئلي تي علماء ڪرام ۾ تفريق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مولانا فضل الرحمان جي اڻٿڪ محنت ۽ حڪومت کي مسلسل پريشر ڏيڻ بعد مدرسن کي قانوني حيثيت ڏني ،هنن چيو ته عوام مسلسل چورن لٽيرن کي ووٽ ڏئي اقتدار جو رستو ڏيکاريو آھي نتيجو عوام آڏو آھي ھاڻ به عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي پيو  بک بدحاليءَ سميت انيڪ مسئلا درپيش آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.