غزا(م ڊ)بيگناهه فلسطينين کي شهيد ڪندڙ اسرائيلي فوجي ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ لڳا، جنهن سبب خودڪشي جو رجحان وڌي ويو آهي.اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب غزه ۾ هزارين اسرائيلي فوجين وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، فوجين ذهني دٻاءُ سبب جنگي فرضن تان هٿ کڻي ڇڏيو.اسرائيلي اختيارين موجب فوجين ۾ خودڪشين جو انگ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي،هوڏانهن اسرائيل جي اڳوڻي بچاءَ واري وزير يوگيلانٽ پارليامينٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.غزه جنگ تي نتنياهو سان اختلافن سبب يوگينيٽ پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
-
عمران چوندو هو ته رسيدون ڏيکاريو، پاڻ به رسيد ڏيکاري: احسن اقبال
اسلام آباد (م ڊ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ جي مطالبي تي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي غور ڪندي. پي ٽي آءِ جو باني عمران خان ٻين کي چوندو هو ته رسيدون ڏيکاريو، هاڻي توهان به رسيدون ڏيکاريو.سرڪاري تحفن جي رسيد ڏيکاريو ۽ توھان کان ڪجھ به نه پڇيو ويندو. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته سندس پي ٽي آءِ سان سنجيده ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. اميد آهي ته پي ٽي آءِ جا دوست به کليل دل سان ڳالهيون ڪندا. اسان روڊن تي فساد ۽ افراتفري نٿا چاهيون. جڊيشل رمانڊ تي آيل شخص کي صرف عدالت ئي آزاد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته مون تي به پي ٽي آءِ پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، اسان ڪيس وڙهيو ۽ عدالتن مان ڪنهن کي به نه ڇڏيو ويو، وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال چيو ته اقتصادي اڏام پنجن سالن جو منصوبو آهي.
-
چانهه جي ڪوپ تي ٽي ٽي پي جا 40 هزار ماڻهو پاڪستان آندا ويا: اسحاق ڊار
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چانهه جي هڪ ڪوپ تي سخت فيصلا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 35 کان 40 هزار ٽي ٽي پي جا ماڻهو پاڪستان ۾ داخل ٿيا. پرڏيهي کاتي ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي سفارتي اڪيلائپ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ جي معيشت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي، 2024 اسان لاءِ اهم سال هو، چونڊن ۾ مسلم ليگ ن کي عوام طرفان مينڊيٽ مليو، شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊيو ويو، ڪيترائي چيلينج سامهون هئا، چيو ويندو هو ته پاڪستان سفارتي اڪيلائپ جو شڪار آهي، اسان جي دور ۾ سڀني شعبن ۾ ڪم شروع ٿيو. هن چيو ته 35 کان 40 هزار ٽي ٽي پي جا ماڻهو واپس پاڪستان آيا، ڪنهن چانهه جي پيالي تي انهن جا بارڊر کوليا ۽ ڪنهن ٽي ٽي پي جا ماڻهو آزاد ڪيا؟ سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جو پرڏيهي وزير اپريل ۾ اسان جي دعوت تي پاڪستان آيو، وڏيون ڪامياب ملاقاتون ٿيون، ايران جو اعليٰ وفد پڻ پاڪستان آيو، ورلڊ اڪنامڪ فورم سعودي عرب ۾ ٿيو، پاڪستان ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ وفاقي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته بنگلاديش اسان جو ڀاءُ آهي، ان کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهي وزارت هر سطح تي پنهنجون ذميواريون سٺي نموني نڀائي رهي آهي، غزه ۾ نسل ڪشي ٿي رهي آهي، جنهن تي وزيراعظم اسرائيل جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.