سرحد ۾ زبان ڪٽيل حالت ۾ مليل نوجوان اکين جو نور به وڃائي ويٺو

ميرپورماٿيلو/سرحد (رپورٽ: خالد وسير+عبدالحميد ابڙو) سرحد ۾ هڪ مهينو اڳ تشدد جو شڪار ٿيل نوجوان مرتضيٰ کوسو منظر تي اچي ويو نوجوان مرتضيٰ کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو  ته آئون هڪ نجي بئنڪ ۾ ملازم هيس جتي ڊاڪٽر سحر آفتاب اڪائونٽ هولڊر هئي جٿان هن مونکان موبائيل نمبر ورتو ۽ مسلسل ڪال ڪندي رهي آخر هن مون کي شادي لاءِ زور ڀريو ۽ مون انڪار ڪيو ته ڊاڪٽر سحر آفتاب نائچ جي والد آفتاب نائچ مونکي ڌمڪيون ڏنيون ۽ سکر بدلي ڪرائي ڇڏيو جتان آئون ڪراچي هليو ويس 4 مهينن بعد ڊسڪون ڪمپني دبئي ۾ آفيسر سليڪٽ ٿيس ۽ ميرپورماٿيلو واپس آيس جنهن بعد ڊاڪٽر سحر آفتاب جي ڪلينڪ تي منهنجو ڪلاس فيلو ڪم ڪندو آهي جيڪو مونکي ڪلينڪ تي وٺي ويو جتي ڪلينڪ اندر ڊاڪٽر سحر آفتاب مونکي نشي جي سئي لڳائي،نوجوان وڌيڪ چيو ته مونکي بيهوشي واري حالت ۾ نرس رحمت ڪلوڙ، مختيار ان شيخ ۽ ڪاشف ملڪ منهنجي زبان ڪٽي ۽ اکين ۾ بليڊن سان جهير ڏنا نوجوان وڌيڪ الزام هنيو ته هڪ مهيني کان اسين ميڊيڪل سرٽيفيڪيٽ هئڻ باوجود سرحد ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيون پيا پر پوليس 30 هزار رشوت وٺڻ باوجود ڪيس داخل نه ڪيو منهنجو ڀاءُ ۽ امڙ سرحد ٿاڻي تي انصاف لاءِ چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن نوجوان مرتضي کوسو چيو ته گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آهيان اسان سان انصاف ڪيو وڃي

پوليس مان انصاف جي اميد ناهي:وارث

سرحد:زخمي نوجوان جي وارثن چيو ته  اسان کي ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جي ڪابه اميد ناھي، ايئن لڳي ٿو ڄڻ پوليس بااثرن کان لکين روپيا وٺي انصاف جو  دروازو بند ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته  اسان مسڪين آھيون معزز سيشن جج گهوٽڪي نوٽيس وٺي پاڻ معاملي جي انڪوائري ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

سرحد ۽ گهوٽڪي پوليس ۾ حدبندي جو تڪرار

سرحد: سرحد ۽ گهوٽڪي پوليس ۾ حدبندي جي تڪرار سبب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي ان سلسلي ۾  سرحد پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو آھي ۽ زخمي ٿيل نوجوان کي سرحد ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪيو ويو تنهن ڪري اھا سرحد ٿاڻي جي حد ناهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ميرپورماٿيلو پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ڪاروگهٽ اسٽاپ وٽان رپورٽ ٿيو ۽ نوجوان به اتان ئي زخمي حالت ۾ مليو آھي اها سرحد ٿاڻي جي حد آھي، جڏهن ته واقعي کي 15 ڏينهن گذرڻ جي باوجود نه ئي ڪا ڪاروائي ٿي آھي ۽ نه ئي ڪو ڪيس وغيرهه داخل ٿيو آھي،

ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس ورتو،ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري

ميرپورماٿيلو : ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو نوجوان مرتضيٰ کوسو مٿان تشدد معاملي جو نوٽيس وٺندي نوجوان جي وارثن سان رابطو ڪيو ۽ کين سڀاڻي سرحد ٿاڻي تي پهچي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پڻ چيو ويو آهي ،ٻئي پاسي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ورتل 30 هزار پوليس واپس ڪري ڇڏيا  نوجوان مرتضي کوسو جي وارثن کان ايس ايڇ او سرحد ڪيس داخل ڪرڻ لاء 30 هزار ورتا ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد پوليس 30 هزار واپس ڪري ڇڏيا

مرتضيٰ کوسو ڌيءَ کي بليڪ ميل پيو ڪري:آفتاب نائچ

ميرپورماٿيلو : سرحد ۾ نوجوان مرتضي کوسو مٿان تشدد واري معاملي بعد الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر سحر جي والد آفتاب نائچ ٻڌايو ته مرتضيٰ کوسو منهنجي ڌي کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي اسان مٿان الزام ڪوڙا آهن معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي اسان جو معاملي سان ڪو به تعلق ناهي اسپتال ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳل آهن،هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرياڻي کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.