لاڙڪاڻي ويجهو پيرسن قتل، نازڪ عضوا ڪٽي لاش ڦٽو

لاڙڪاڻو( ن ع آ ) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد چوهڙ پور ريگوليٽر وٽ اڻڄاتل جوابدارن گوڪل پور واسي 50 سالن جي پورهيت غلام مصطفيٰ جوڻيجو جا نازڪ عضوا ڪٽي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جيڪو واقعي واري هنڌ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول جي پٽ غلام مرتضيٰ جوڻيجو وارثن سان گڏجي دانهيو ته منهنجو والد اوٺا چوڪ ڀرسان عبدالسلام آرائين جي زمينن جي ڪمداري ڪندو هو جيڪو گذريل ڏينهن گھران نڪرڻ بعد گهر واپس نه موٽيو جنهن کان پوءِ پوليس اسان کي اهڙو اطلاع ڏنو ته والد جو لاش چوهڙ پور ريگيوليٽر وٽ پيل آهي ۽ سندس جا نازڪ عضوا ڪٽيل آهن. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي بيگناهه والد کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.