ڪراچي ۾ ڌرڻن وقت سنڌ حڪومت ستل رهي: علي خورشيدي

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته سنڌ حڪومت 27 ڊسمبر تائين موڪل تي هئي، ڇا اهي 9 ڏينهن کان ننڊ ستل هئا؟ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڪراچي ۾ احتجاج سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. هن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ رياست حرڪت ۾ ايندي. علي خورشيدي چيو ته شهر ۾ مذهبي هم آهنگي ايم ڪيو ايم جي ڪوششن جو نتيجو آهي، ۽ امن جي بقا لاءِ ملڪ دشمن عنصرن تي نظر رکڻ ۽ ايڪشن ضروري آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن جو ڪريڊٽ ايم ڪيو ايم ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. پوليس تي حملن کي ناقابل قبول قرار ڏيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ گهرو وزير وقت سر قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيا. امن امان جي صورتحال 3 مهينن کان خراب هئي پر ڪي پي حڪومت ڇا ڪرڻ ۾ رڌل هئي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.