رياست پاران سنڌ جو استحصال جاري آهي:عبدالخالق جوڻيجو

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو جو اجلاس چيئرمين خالق جوڻيجو جي صدارت ۾ سنڌ سينٽر ڪراچي ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان راءِ جو اظهار ڪيو ويو ته بدليل عالمي صورتحال خاص ڪري وچ اوڀر ۾ جتي بالشويڪ انقلاب کان اڳ جھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي هڪ دفعو وري جنگي جنون وڌي رهيو آهي. ٽين عالمي جنگ جا ڪڪر ڇائنجن پيا. اتي وري اقوام متحده صرف مذمت ڪرڻ ۽ خيرات ورهائڻ وارو ڪم ڪري رهي آهي ان ڪري انصاف پسند ۽ امن پسند ڌرين جو فرض آهي ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ٻئي پاسي پاڪستان رياست تي قابض قوتن سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي استحصال ڪندي ٿي رھي جنھن گناھ ۾ پيپلز پارٽي اڌ صدي کان وٺي شريقيڪار ۽ حصيوار آھي. اهڙن اڀرندڙ مسئلن کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته اشوز احتجاج ڪرڻ سان گڏ رياستي نظام / جوڙجڪ جي تبديلي لاءِ بھ جدوجھد ڪرڻ کپي. ان کان علاوه ضلعن اندر سائين جي ايم سيد جي سالگره ملهائڻ جا پروگرام ترتيب ڏنا ويا جيڪي هن ريت آهن. گهوٽڪي 19 جنوري ، خيرپور ميرس 21 جنوري ، قمبر شهدادڪوٽ 23 جنوري،نوشهروفيروز 25 جنوري ، دادو 26 جنوري ، نوابشاهه 27 جنوري ، حيدرآباد 28 جنوري ، ميرپورخاص 30 جنوري ۽ ڪراچي 2 فيبروري تي ترتيب ڏنا ويا. ڪراچي ۾ رٿيل پروگرام جي صدارت چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ۽ وائس چيئرمين پروفيسر امير چانڊيو ، جڏهن ته هاشم کوسو ۽ اياز هڪڙو ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.