استحصالي نظام سبب عوام ۾ بغاوت پيدا ٿئي پئي:لياقت بلوچ

اسلام آباد(م ڊ)جماعت اسلامي جي نائب امير ۽ قومي گڏيل ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل لياقت بلوچ چيو آهي ته انٽرنيٽ جي  سستي سان اڏام پاڪستان منصوبو به سست ٿيندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت جون مهانگائي ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪوڙيون آهن، عام ماڻهو اڄ به مهانگائي جي چڪي ۾ پسي رهيو آهي.لياقت بلوچ چيو آهي ته زراعت جي ترقي لاءِ بجلي، گيس ۽ تيل سستو ڪرڻ ناگزير آهي، حڪومت سرڪاري توڙي خانگي ملازمن جا مسئلا حل ڪري،هن اهو به چيو ته اسرائيل غزه نه پر پوري خطي جي ملڪن لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي ،هن چيو ته ڪرم ۾ امن معاهدو آجيان جوڳو آهي،بلوچستان ۾ به حالتون خراب آهن،وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن صوبي جي حالتن جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته عوام پنهنجي مسئلن جو حل چاهي ٿو پر اهو دعوائن ۽ اعلانن سان نه، بلڪه سياسي استحڪام، آئيني، جمهوري ۽ پارلياماني قدرن جي حفاطت ۽ عمل سان ممڪن آهي،هن چيو ته استحصالي نظام ملڪ ۾ ظلم جبر مسلط ڪري رهيو آهي ان ڪري عوام ۾ بغاوت ۽ انارڪي پيدا ٿي رهي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.