نئين سال ۾ به معاشي بهتري جي اميد نظر نه پئي اچي:واپاري

ڪراچي(م ڊ) ننڍن واپارين سال 2024ع کي ڪاروبار ۽ مهانگائي جي لحاظ کان ملڪي تاريخ جو بدترين سال قرار ڏيندي چيو آهي ته 2024ع ۾ واپاري سرگرميون 30 سيڪڙو تائين محدود رهيون غير يقيني صورتحال سبب مقامي منڊي ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد کڄي ويو ۽ سرمائي جي ٻاهرين ملڪ منتقلي جو رجحان وڌيو،مسلسل وڌندڙ مهانگائي 2024 کي غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ خوفناڪ خواب بڻائي ڇڏيو ،2024ع سياسي عدم استحڪام، بي قابو مهانگائي ۽ بدترين معاشي تباهي جو سال  هو، غافل حڪمرانن جي غلط حڪمت عملي ۽ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 2025ع ۾ مشڪلاتن جي خاتمي ۽ بهتري جي نظر نه پئي اچي،آل ڪراچي ٽريڊ يونين جي چيئرمين عتيق مير سال 2024ع لاءِ تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته حد کان وڌيڪ ٽيڪسن، بجلي، گيس، پيٽرول ۽ ڊالر جي وڌندڙ قيمتن ۽ مصنوعي مهانگائي سبب معيشت مسلسل زوال پذير آهي،عام واهپي جون شيون غريب ۽ وچولي طبقي جي پهچ کان پري ٿي ويون،هن چيو ته واپارين جي ڪنهن به سيل جي موسم تي بازارن ۾ روايتي رونقون،گهماگهمي  ۽ خريداري نظر نه آئي،قوت خريد کان محروم ماڻهو پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف رهيا هن چيو ته هنن سڌي ريت ٽيڪس جو دائرو ناقابل برداشت حد تائين وڌائي ڇڏيوتجارتي مرڪز خوفناڪ ڊپريشن، ٻاڙائي ۽ ويرانين جي وڪڙ ۾ رهيا،ملازمتن جا موقعا پيدا نه ٿيڻ  ڏوهن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪيو ويو ۽ بيشمار ڪارخانا بند ڪيا ويا.هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم، لاقانونيت ۽ ڏوهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو،معاشي حب ڪراچي مڪمل طور تي مافيائن جو شهر بڻجي چڪو آهي، 3 ڪروڙ آبادي جو شهر ناقابل برداشت مهانگائي، خوفناڪ بيروزگاري، حددخلين، زمينن تي غير قانوني قبضن، ٽريفڪ جي بدحالي، پاڻي جي بحران، بدامني، لاقانونيت ۽ دردناڪ بلدياتي عذاب ۾ مبتلا آهي.هن چيو ته گذريل سالن وانگر سنڌ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جاري رهي، سنڌ حڪومت ۽ ان جي ماتحت ڪو به ادارو ڪنهن به شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.