عمران خان پاران بني گالا منتقلي ڪارڪنن جي آزادي سان مشروط

اسلام آباد(م ڊ) توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري جو چوڻ آهي ته عمران خان ٻڌايو ته کيس ڊيل جي آڇ ڪئي وئي، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته توشه خانا ٽو ڪوڙن ڪيسن جي سيريز مان هڪ آهي، پي ٽي آءِ باني خلاف پهرين 4 فيصلن جهڙو فيصلو به 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو هوندو، هن چيو ته عمران خان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد جي سزا جي مذمت ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جو وقت اچي ويو آهي ان کي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي، فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو ته کيس بني گالا منتقل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي پر جيستائين ٻين سياسي قيدين کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين هو به جيل ۾ رهندو، هن چيو ته هڪ طبقو ڳالهين کي سبوتاز  ڪرڻ چاهي ٿو، هنن 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي آزاد انڪوائري لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ۽ فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ٽرائل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. فيصل چوڌري چيو ته ملڪي معيشت، سياست ۽ امن امان جي بحالي لاءِ پي ٽي آءِ باني جي آزادي ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.