لاهور (معظم فخر) پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي ڪميٽين ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ٻئي پاسي آرمي چيف جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي رهي آهي جڏهن ته ايف آءِ ايف سي جي به ملاقات ٿي رهي آهي. آرمي چيف ۽ وزيراعظم جي ملاقات اهم آهي. وزيراعظم کي ڪجهه وسوسا آهن جن جو اظهار هن اڙان پاڪستان جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته کيس آرمي چيف ۽ فوج جو اهڙو سهڪار آهي جهڙو اڳ ڪڏهن نه رهيو ته ٻئي پاسي هن چيو ته کيس وسوسا به ايندا آهن پر خدا ڪري ته اهو سهڪار جاري رهي. نيٺ اهي ڪهڙا وسوسا آهن. ۽ کيس ڪهڙو اهڙو اشارو مليو جو هو وسوسن ۾ پئجي ويو. ڳجهي اداري جي هڪ رپورٽ وزيراعظم سامهون رکي وئي. ان رپورٽ جي بنياد تي جيڪڏهن کيس ڪي وسوسا ٿي پيا آهن ته اهي ئي وسوسا هو آرمي چيف آڏو رکندو. ذريعن موجب بشريٰ بي بي پشاور ۾ وزيراعليٰ هائوس مان اڪيلي پنهنجي گاڏي ۾ نڪتي هئي ۽ لازمي طور هو ڪنهن اهم شخصيت سان ملاقات لاءِ وئي هئي. ٻئي پاسي جڏهن بشريٰ بي بي عمران خان سان ملاقات لاءِ آئي ته ڪي پي پوليس جي مڪمل پروٽوڪول ۾ آئي هئي. ان مان ظاهر آهي ته بشريٰ بي بي جي جيڪا اهم شخصيت سان ملاقات ٿي هئي ان بابت هن عمران خان کي آگاهه ڪيو ۽ عمران خان طرفان جوابي هدايتون ڏنيون ويون. وزيراعظم کي ڳڻتي ان لاءِ به آهي ته اهڙي قسم جون ملاقاتون به ٿي رهيون آهن ۽ کين ان جي تفصيلي ڄاڻ به ناهي. عمران خان جي دور ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي هلائي رهي هئي ۽ هاڻي شهباز شريف وٽ به اهڙي ٽيم موجود آهي پر اهي ميڊيا يا اهڙي مداخلت کان پري رهن ٿا. جيتوڻيڪ هو ميڊيا سان ڪو رابطو نه پيا رکن پر هو ڪنهن نه ڪنهن ريت رابطن ۾ به رهندا آهن. ميل ملاقاتن جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ته اسان کي ڪجهه ناهي ڳالهائڻو، جنهن کي به ڳالهائڻو آهي اهي سياسي قيادت سان ڳالهائين. آرمي چيف ۽ وزيراعظم جي ملاقات ۾ سندس نامزد ڪيل پي ٽي آءِ سان ڳالهين واري ٽيم پاران رپورٽ به پيش ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ جو مطالبو آهي ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي جڊيشل جاچ ڪرائي وڃي. راڻا ثناءُالله چيو هو ته اهي ڪيس فوجداري آهن. لاڳاپيل عدالتن ۾ ڪيس هلندا پر سپريم ڪورٽ جا جج انهن ڪيسن جا فيصلا ڏيندا ته سمورو جڊيشل سسٽم ڪالعدم ٿي ويندو. ان ڏس ۾ ڳالهيون ان صورت ڪامياب ٿينديون ته وزيراعظم جا وسوسا ختم ٿين ۽ وسوسا رڳو آرمي چيف ختم ڪري سگهي ٿو ۽ ان جا اثر ڳالهين واري ڪميٽين تي به پوندا. پر ڇا ملاقات ۾ سندس خدشا ختم ٿيندا يا سندس خدشن ۾ واڌ ٿيندي.