ڪردار ڪشي ۽ ذاتيات تي گند اڇلائڻ وارامعاملا اڪثر بحث هيٺ ايندا آهن جن بابت اڪثريت جي راءِ اها هوندي آهي ته جنهن کي اسان فيصلائتي راءِ سمجهون ٿا ته ڪنهن به شخص پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، سياستدان هجي، اديب، سماجي اڳواڻ هجي، صحافي، دانشور، ڪنهن به مڪتبهء فڪر سان تعلق رکندڙ عام ماڻهو هجي يا خاص ان سان شخصي، نظرياتي، فڪري يا ڪم توڙي ڪارڪردگي جي حوالي سان بلڪل به اختلاف رکي سگهجي ٿو، ڪير به تنقيد کان برابر مٿانهون ناهي پر ڪنهن جي ذاتيات تي گند اڇلائڻ، سندس ڪردار ڪشي ڪرڻ جو به ڪنهن کي حق ناهي.
جيڪي ماڻهو يا ڌريون ڪنهن جي ذات تي گند اڇلائن ٿيون ۽ ڪردار ڪشي ڪن ٿيون تن کي عام طور تي سماج اندر ناڪاري ۽ بدي جون قوتون سمجهيو ويندو آهي. پر ان المئي تي ڇا چئجي جيڪڏهن سماج جا بظاهر مثبت، معتبر، ذميوار، ساڃاهه وند سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ دانشمند ماڻهو به منفي ۽ بدي جو ڪردار ادا ڪن. اظهار جي آزادي ۽ حق سچ جي اوٽ ۾ اخلاقيات جون حدون اورانگهيون وڃن ٿيون مٿان وري اهو چوندا ته اسان منهن تي سچ ڳالهائيندا آهيون تنهن ڪري نه ٿا وڻون ۽ نه ئي قبوليو وڃي ٿو. اسان جو خيال آهي ته سچ ۽ حق ضرور ڳالهايو پر اهو پارلياماني زبان ۾ اخلاقيات جي دائري ۾ ڳالهائڻ گهرجي. ٻي دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته جيڪي ماڻهو حق ۽ سچ منهن تي چوڻ جا حامي يا قائل هوندا آهن سي وري پنهنجي متعلق حق ۽ سچ ناهن ٻڌي سگهندا. جڏهن ته انهن کي اهو چوڻ گهرجي ته حق ۽ سچ جي شروعات اسان کان ڪريو. ته جيئن سماج اندر ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جو جمهوري ماحول پيدا ٿي سگهي پر هتي هڪ طرفو سچ ۽ حق ڳالهائڻ جا دعويدار ته گهڻا ملندا پر پنهنجي متعلق سچ ۽ حق ڳالهائڻ جي دعوت ڏيندڙ اوهان کي ماڻهو ناهن ملندا. اهو ئي افسوس جوڳو رويو آهي اسان ته چونداسين ته اهو علم ۽ عقل ئي ڪهڙو جيڪو ”احساس، ذميواري“ نه رکندو آهي.
اسان وٽ احساس ذميواري ۽ سمجهه جو فقدان وڌندو ٿو وڃي ذاتي رنجش، اختلاف، ساڙ، حسد ۽ تعصب جي بنياد تي گهڻو ڳالهايو ۽ لکيو وڃي ٿو ۽ وري جڏهن ان بنياد تي راءِ عامه جوڙي وڃي يا اهڙا ماڻهو يا ڌريون راءِ عامه جوڙيندڙ هجن ته اهو اڃان به خوف ناڪ رجحان هوندو آهي تنهن ڪري به سماج توڙي ادارن جوفرض آهي ته اهي راءِ عامه جوڙيندڙن بابت سئو ڀيرا سوچي پوءِ انهن کي موقعو ڏين.جيڪڏهن هتي راءِ عامه جوڙيندڙ ئي احساس ذميواري کان وانجهيل، جذباتي ۽ تعصبي هوندا ته اهي سماج ۽ ماڻهن جي شعوري تعمير ڪرڻ بدران الٽو تخريب ڪاري ڪندا وتندا. پر افسوس ته عام ماڻهو ته ٺهيو پر ادارا به ماڻهن کي نٿا سڃاڻن ۽ اهي جذباتي ۽ احساس ذميواري کان وانجهيل قسم جي شخصيتن کي راءِ عامه جوڙڻ جا پليٽ فارم ڏئي ڇڏيندا آهن جنهن سبب سماج اندر فساد، انتشار ۽ نفرت جو ماحول وڌيڪ برپا ٿي رهيو آهي.
پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ته وري به چڪاس ڪرڻ وارا ماڻهو هوندا آهن پر سوشل ميڊيا جيڪو عوامي پليٽ فارم آهي جتي ڪو به ايڊٽ ڪرڻ وارو ذميوار ناهي هوندو ۽ اتي هر ماڻهو پاڻ ادارو، ميڊيا ۽ صاحب اختيار بڻيل آهي تنهن ڪري ان سوشل ميڊيا کي ”بدتميزي جو طوفان“ سڏيو وڃي ٿو ۽ ان ڪري ذميوار ۽ حساس ماڻهو فيس بڪ تان غائب هوندا آهن، اهي سمجهندا آهن ته اتي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ماحول ناهي اڃان به ان فورم تان ڳالهائي پنهنجي عزت ۽ پنهنجي ڳچي ٻئي جي حوالي ڪرڻ آهي. ائين به برابر آهي پر اسان ان نڪتي سان مڪمل طور تي اتفاق نٿا ڪريون. سوشل ميڊيا به سماج جو عڪس آهي جتي هرقسم جا ماڻهو موجود آهن.سوشل ميڊيا جا ڪروڙين فائدا آهن انهن ڪروڙين فائدن کي ڇڏي ڪري ٿورائي جي موقف يا بدي جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترين ڌرين کي حاوي نه ٿيڻ ڏجي ان ڪري لازمي آهي ته اتي مثبت ڌريون موجود هجن ۽ عوام جي رهنمائي ڪن.
سو جيئن اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي ته جيڪڏهن سماج اندر ۽ ان جي عڪس سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ۽ ذاتيات تي گند اڇلائڻ جو ڪو ڪڌو عمل ٿئي ٿو ته اهو سڀني ذميوار فردن جو فرض آهي ته اهي اڳتي اچي اهڙِي عمل ۽ رويي جي شديد نموني مذمت ڪن ۽ هتي اهو لکندي يقينن پاڻ کي خوشي ٿي رهي آهي ته سوشل ميڊيا تي فردن ۽ خاص ڪري عورتن جي ڪردار ڪشي ۽ سندن ذات تي گند اڇلائڻ وارين حرڪتن جي اڪثريتي طور تي سخت نندا ڪئي ويندي آهي جيڪا سوشل ميڊيا جي مثبت ۽ همٿائيندڙ ردعمل جو ثبوت آهي.
اها به حقيقت آهي ته عام طور تي انهن ماڻهن جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي ۽ سندن ذات تي حملو ڪيو ويندو آهي يا گند اڇلايو ويندو آهي جيڪي سماج لاءِ ڪجهه ڪندا آهن جيڪي تحرڪ ۾ هوندا آهن ان تحرڪ کي روڪڻ جا به اهي طريقا هوندا آهن جيڪي هر لحاظ کان مذمت جوڳا هوندا آهن پر تاريخ اهو به ثابت ڪيو آهي ته هر دور ۾ تبديلي پسندن ۽ انقلابي ماڻهن يا سماج سڌارڪن مٿان گند اڇلايو ويو آهي پر پوءِ به اهي پنهنجي ڪم کان ناهن مُڙيا، تاريخ ۾ به پوءِ اهي ئي سرخرو رهيا آهن. جن شخصيتن جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي، يا سندن ذات مٿان گند اڇلايو ويندو آهي سي ان تاريخي حقيقت کان چڱي ريت واقف آهن ته قافلا هلندا آهن ته پويان ڪتا به ڀونڪندا ايندا آهن پر ڪتن جي ڀونڪڻ تي سماج جي تبديلي واري قافلا نه ڪڏهن رڪيا آهن نه ئي رڪندا.