ڪيلاش کان ڪيٽي بندر تائين”سنڌو”

تحرير: ادريس چانڊيو

سنڌو درياهه تبت ملڪ جي ڪيلاش جبل ۾ جنم وٺي ٿي. تبت کي ڌرتي جي ڇت سڏيو ويندو آهي. تبت هن وقت چين جي قبضي هيٺ آهي. تبت جي جاگرافي 12 لک 28 هزار چورس ڪلوميٽر ۽ ان جي آبادي 36 لکن کان ڪجهه وڌيڪ آهي.

سنڌو درياهه جي ٽوٽل ڊيگهه 03 هزار 60 ڪلوميٽر آهي. ڪيلاش کان ڪيٽي بندر تائين هي شير درياهه کاروڇاڻ وٽ  جدا جدا شاخن ۾ ورهائجي عربي سمنڊ ۾ شامل ٿي. هي سنڌين جو درياهه سنڌين وانگر عالم جو حصو ٿي وڃي ٿو. تبت کان پوءِ هي درياهه تاريخي وحدت لداخ مان گذري ٿو. لداخ هن وقت هند ستان ۾ شامل آهي. لداخ جي ڪل ايريا 59 هزار 146 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ لداخن جي ڪل آبادي 02 لک 75 هزار ماڻهن تي ٻڌل آهي.

سنڌو درياهه جو به پنهنجو درياهي خاندان آهي، هن جي خاندان ۾ سوات درياهه، قابل درياهه، چناب درياهه، جهلم درياهه، راوي درياهه، بياس درياهه ۽ ستلج درياهه شامل آهن. انهن کانسواء به ڪيترا پاڻي جا وهڪرا آهن. جيڪي ڊگهي سفر ۾ هن جو ساٿ ڏين ٿا. راوي درياهه، بياس درياهه ۽ ستلج درياهه، ايوب خان جي دور ۾ انڊيا کي وڪرو ڪيا ويا. سواءِ ٻوڏين جي هنن درياهن جو پاڻي پنج نند تائين نٿو پهچي.

سنڌو درياهه مٿان تربيلا ڊيم ۽ علي سنگي تبت ڊيم قائم آهن. باشا ڊيم ٺهي رهيو آهي. ياد رهي ته علي سنگي ڊيم سنڌو مٿان تبت ۾ چين جي سرڪار ٺاهيو آهي، جيڪو 2010ع ۾ مڪمل ٿي  چڪو آهي، جنهن جي گهٽ ماڻهن کي خبر آهي. هن درياهه مٿان پنج بئراجون، چشما، جناح، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج قائم آهن. جن جي ذريعي ڪروڙين ايڪڙ زمين آبادي ٿي رهي آهي.

ڪيلاش جبل مان 04 ڀائر درياهه جنم وٺن ٿا. سنڌو درياهه جيڪو سنڌ ڏانهن وڃي ٿو. ستلج درياهه جيڪو ڪشمير ڏانهن رخ ڪري ٿو. ڪرنالي درياهه جيڪو گنگا سان وڃي ملي ٿو. ۽ برهما پترا درياهه جيڪو سفر ڪري سونار بنگلا ڏانهن وڃي نڪري ٿو.

سنڌو درياهه سدائين وهندڙ درياهه آهي، جيڪو سنڌو تهذيب جو پڻ خالق آهي. 2500 ق.م کان 1500 ق.م تائين جو هي هڪ هزار سال وارو دور، جيڪو سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري جو دور هيو، هن دور ۾ سنڌو تهذيب نه صرف جنم ورتو پر عروج ماڻيو. سنڌو تهذيب هن خطي جي تمام قومن، ثقافتن ۽ ڪروڙين انسانن کي امن ۽ برابري جي اصول تحت ڳنڍي ٿي. سنڌو تهذيب ۽ ڪلچر سان گڏ نظريو به آهي؟ انڊس ازم Indus-Izam ڪيترن مذهبن ۽ نظرين هيٺان دٻجي ويو آهي. جيڪڏهن ان کي دريافت ڪجي ته هيٺيان اصول ظاهر ٿي سگهن ٿا.

1) فطرت سان پيار

2) وطن دوستي ۽ آزادي

3) عدم تشدد 4) مذهبي رواداري

5) سماجي انصاف ۽ برابري

6) ترقي ۽ خوشحالي.

پکين جا ولر به پنهنجي ڪٺن ۽ ڊگهي سفر جو محفوظ رستو سنڌو درياهه کي سمجهن ٿا. 10 لکن کان وڌيڪ پکي هن رستي کي اچ وڃ لاءِ استعمال ڪن ٿا. دنيا اندر پکين لاءِ هن رستي کي چوٿون وڏو رستو مڃيو وڃي ٿو.

سنڌو درياهه مٿان تربيلا ڊيم ۽ علي سنگي تبت ڊيم قائم آهن. باشا ڊيم ٺهي رهيو آهي. ياد رهي ته علي سنگي ڊيم سنڌو مٿان تبت ۾ چين جي سرڪار ٺاهيو آهي، جيڪو 2010ع ۾ مڪمل ٿي  چڪو آهي، جنهن جي گهٽ ماڻهن کي خبر آهي. هن درياهه مٿان پنج بئراجون، چشما، جناح، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج قائم آهن. جن جي ذريعي ڪروڙين ايڪڙ زمين آبادي ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.