ڪراچيءَ کان ويهن منٽن جي سفر تي موجود هڪ نئين دنيا

تحرير: امين جويو

ڪجهه ڏينهن اڳ ( 31 ڊسمبر 2024ع تي ) يونيورسٽيءَ جي دوستن سان گڏ هڪ اڪيڊمڪ پروجيڪٽ ( تعليمي مقصد ) جي لاءِ سِنڌي سمنڊ جي ٻِن ٻيٽن تي وڃڻ ٿيو. ماڙي پور کان فقط ويهن منٽن جي مختصر ۽ مزيدار ٻيڙيءَ جي سفر کان پوءِ اسان سائين آصف ڀِٽيءَ جي نِگرانيءَ ۾ سڀ کان پهريان ٽَڪري ٻيٽ تي پهتاسين.

ٻيڙيءَ جي سفر دوران مون مَقامي ٻيڙياتي نور محمد ڪَڇي مُهاڻي کان ٻيٽن جي زندگي بابت حال احوال ورتا جيڪي وڊيو ذريعي ريڪارڊ ڪيم ۽ پوءِ سماجي رابطن واري جاءِ تي به رکيم.

  1. ٽڪري ٻيٽ جنهن کي هاڻي ( صالح آباد ) جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. هن ٻيٽ بابت سائين گُل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ؛ ” سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ “ ۾ لکيو آهي ته ؛ ” اڳ ۾ هي هڪ مڪمل ٻيٽ هو پر محمد خان جوڻيجي واري دور ۾ منهوڙي ۽ صالح آباد جي وچ ۾ موجود سامونڊي چينل کي مٽيءَ سان ڀري ٻنهي کي هڪٻئي سان ملايو ويو“ تنهن ڪري هاڻي اسان صالح آباد کي اپٻيٽ يا ( Peninsula ) چئي سگهون ٿا ، ڇاڪاڻ ته هي رستي جي ذريعي زمين سان پڻ ڳنڍيل آهي. صالح آباد ۾ اسان کي هر طرف پڪا گهر ، روڊ رستا ۽ شهري زندگيءَ جون سڀئي سهولتون نظر آيون ۽ اندر گهمڻ سان هي ڪو ٻيٽ نه پر هڪ شهري ڪالوني لڳي رهي هئي ، جنهن ۾ بنگلا ، گاڏيون ۽ پڪا روڊ رستا موجود هئا. هتي سرڪاري اسڪول ۽ اسپتال پڻ ڏٺي سين ۽ ڪجهه ترقياتي ڪم پڻ ٿيندي نظر آيا.

(2) پوءِ اسان ساڳئي ٻيڙيءَ تي سائين آصف ڀِٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڀِٽ ٻيٽ تي روانا ٿياسين ، جتي ڀِٽي صاحب اسان جي مانجهاندي جو انتظام ڪيو هو. سامونڊي مڇيءَ جو مزيدار ۽ چَٽپٽو سُوپ ، جِهينگن جا ڪَباب ۽ سونهري مڇيءَ جي لذيذ ڀاڄي ۽ ماني کائي اسان سڀني دوستن جون موجون ٿي ويون! ، جڏهن سڀ ڪجهه کائي پِي بالم ٿياسين ته وري سائين آصف ڀِٽي صاحب اسان کي ڀِٽ ٻيٽ جو سير ڪرايو. جنهن جون اهم ڳالهيون هي آهن؛

الف) ڀِٽ ۽ بابا ٻيٽ تي گذريل چئن صدين کان انساني آبادي موجود آهي.

ب) ڀِٽ ٻيٽ نون ايڪڙن جي ايراضي تي ٻڌل آهي ۽ هن وقت هتان جي آبادي 20 هزار کن ٿي ويندي ، پر هتي بنيادي سهولتون ( گيس ، بجلي ۽ پاڻي ) به موجود ناهي!.

ٻ) هتي 1865ع کان قائم هڪ ننڍڙو ” مَلنگ هوٽل “ موجود آهي ، جتي صاف سٿرو ۽ سستو کاڌو ملي ٿو.

ڀ) هتي 1976ع ۾ هڪ سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيو ويو ، جنهن جو افتتاح تڏهوڪي وفاقي مواصلاتي وزير ممتاز علي ڀُٽي ڪيو. اهڙو پٿر ڀِٽ ٻيٽ جي مختصر بازار ۾ لڳل آهي.

ت) ڀِٽ ٻيٽ جي چئني پاسي کارو سمنڊ آهي ، پر عجيب اتفاق اهو آهي جو هتي زير زمين مٺي پاڻيءَ جو چشمو موجود آهي ، ان جي ثبوت اهو آهي ته بازار جي مُک چوئنڪ تي هڪ وڏو پِپِر جو وڻ بيٺل آهي ۽ مسجد ۾ به مٺو پاڻي اچي ٿو.

سنڌ حڪومت لاءِ چند صلاحون

 

(1) سنڌ حڪومت جي سياحت ۽ ثقافت کاتي وارن کي گهرجي ته سنڌي سمنڊ جي ٻيٽن جي معلومات عام ڪرڻ لاءِ انهن جا الڳ الڳ بروشر ٺهرائي ۽ سامونڊي ٽوئر ازم جي شرعات ڪري.

(2) سنڌ حڪومت کي سنڌي سمنڊ جي ٻيٽن ۾ رهندڙ ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ گهرجن .

(3)  ٻيٽن تان گند ڪچرو ، سمنڊ منجهان ٻاهر کڻي وڃڻ جو ڪو به انتظام ٿيل ناهي ، تنهن ڪري هتي مختلف بيماريون عام آهن . تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ان جو ڪو جوڳو بندوبست ڪري

(4) جهڙي طرح سموري دنيا ٻيٽن کي خوبصورت بڻائي ، اتي ٽوئرازم ذريعي ناڻو ڪمائي رهي آهي ، بلڪل اهڙي طرح سان جيڪڏهن سنڌ حڪومت چاهي ته هو به سنڌي سمنڊ جي ٻيٽن کي سهڻو ۽ صاف سٿرو بڻائي ناڻو ڪمائي سگهي ٿي ۽ مقامي ماڻهو پڻ خوشحال ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.