وقت سان گڏ جگنين جا ميدان بدلجي ويا آھن.ھاڻي ڳرن ھٿيارن جي جاءِ سمارٽ وار ڊئوايس ورتي آھي.ھن وقت انسان لڳ ڀڳ ڪمن لاءِ ٽيڪنالوجي تي ڀاڙي رھيو آھي تھ وري ٻئي پاسي نت نوان طريقا جوڙيا پيا وڃن، جئين ھڪ ڌر ٻي کي شڪست ڏئي سگھي.
تازو ھڪ اھڙي واقعي بعد دنيا جي ٻن وڏين ڌرين آمريڪا ۽ چين ۾ تڪرار ٿيو آھي.آمريڪي عملدارن موجب هيڪرز جيڪي آمريڪا جي وڏين ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين ۽ ادارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن انهن جو تعلق چين سرڪار سان آهي.پر چين ان جي ترديد ڪري رھيو آھي.هيڪنگ جي تازي واقعن دروان آمريڪي خزاني واري کاتي کي نشانو بڻايو ويو. ان کي آمريڪي عملدار ’وڏو واقعو‘ قرار ڏئين پيا.ھي سائبر حملا تازو ڪجھ مهينن ۾ پيش آيا آهن.انهن سائبر حملن ۾ ڇا ٿيو؟
آمريڪي خزاني واري کاتي جي هيڪنگ کانپوءِ آڪٽوبر ۾ ٻن اهم آمريڪي صدارتي مهمن کي نشانو بڻايو ويو.ايف بي آءِ ۽ سائبر سيڪيورٽي اينڊ انفراسٽرڪچر سيڪيورٽي ايجنسي (سي آءِ ايس اي) جو چوڻ آهي ته وائيٽ هائوس جي اليڪشن مهمن کي نشانو بڻائيندڙ ڪردارن جو تعلق عوامي جمھوريھ چين سان آھي،
سيپٽمبر ۾ چيو ويو ھو تھ وڏين ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپنين جي سيڪيورٽي جي خلاف هڪ سرڪاري آپريشن ٿي هئي.وائيٽ هائوس موجب تازو گهٽ ۾ گهٽ نو ڪمپنين کي هيڪ ڪيو ويو ھو.هيڪرز ڪير آهن؟ جيتوڻيڪ هيڪرز بابت تفصيل اڃا عام نه ڪيا ويا آهن پر آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هيڪنگ مختلف گروپن پاران ڪئي وئي ۽ اهي سڀئي چين جا آهن.
سيڪيورٽي ادارا انهن هيڪنگ گروپن کي مختلف ڳجھن نالن سان سڏين ٿا. اهو گروپ جيڪو ٽيلي ڪام ڪمپنين کي هيڪ ڪرڻ ۾ ملوث هو، ان کي ’سالٽ ٽائيفون‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.ٻيون ڪمپنيون انهن هيڪرز کي ’ فيمس سپيرو ‘، ’گھوسٽ ايمپرر‘ ۽ ’ارٿ اسٽايرر‘ جو نالو ڏنو آھي.ھن کان اڳ جن چيني شهرين تي هيڪنگ جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو، آمريڪا جي انصاف واري کاتي طرفان ان جي نشاندهي ڪئي وئي هئي ته اهي ’زرڪونيم‘ يا ’ججمينٽ پانڊا‘ آپريشن سان ڳنڍيل هئا.برطانيه جي نيشنل سائبر سيڪيورٽي سينٽر جو چوڻ آهي ته 2021ع ۾ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي اي ميلز کي به انهن ڪارروائين ذريعي نشانو بڻايو ويو ھو.
هيڪنگ سان ڪھڙي ڊيٽا چوري ٿي ؟ تازي واقعي ۾ ظاهري طور تي طاقتور شخصيتن کي نشانو بڻايو ويو ته جيئن انهن کان ڊيٽا گڏ ڪري ان کي چيني حڪومت تائين پهچايو وڃي.ٻين شخصيتن سان گڏ، انهن آمريڪي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ، آمريڪي چونڊيل نائب صدر جي ڊي وينس ۽ آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس جي جي فونن کي بھ ھدف بڻايو.انھن هيڪرز قانون لاڳو ڪندڙ وائر ٽيپس سان ڳنڍيل فون نمبرن جي ڊيٽابيس تائين پڻ رسائي حاصل ڪئي، جيڪا ظاهر ڪري سگهي ٿي ته ڪهڙن غير ملڪي جاسوسن جي نگراني ڪئي پئي وڃي.ٽيلي ڪام ڪمپنين کي نشانو بڻائي انهن هيڪرز شايد لکين آمريڪي شهرين جي ڊيٽا چوري ڪئي آهي.
آمريڪي عملدار ڪيترا پريشان آهن؟ آمريڪا جي ٻنهي پارٽين جي پارليامينٽ جي ميمبرن انهن حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.آمريڪي عملدارن چيني ٽيلي ڪام کي آمريڪي سيڪيورٽي لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي.ڪمپني کي الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو.ٻي صورت ۾ ان تي بندش وڌي ويندي.
ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزد ڪيل قومي سلامتي وارو صلاحڪار مائڪ والٽز اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته پرڏيهي هيڪرز کي ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.چين جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان انھن الزامن کي بي بنياد سڏيو آهن.هن چيو ته چين هر قسم جي هيڪنگ جي خلاف آهي ۽ چين انهن الزامن جي سختي سان ترديد ڪري ٿو، ھن چيو تھ اھڙن الزامن جو مقصد چين کي سياسي بنيادن تي نقصان رسائڻ آھي. ھن موجب آمريڪا کي ھيڪنگ جي بھاني چين خلاف اھڙي مھم کي روڪڻو پوندو.