سنڌو وهندو سنڌ به رهندي

تحرير: قاسم خاصخيلي

  سنڌ جيڪا ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏئي رهي آھي ان سنڌ جي زراعت معيشت واپار ڄڻ ته نه هئڻ برابر رهجي ويا آھن جنهن سبب ماحولياتي تبديلي سان گڏ گذر سفر جا ذريعا محدود ٿي رهيا آھن ان کان علاوه بيروزگاري پڻ وڌي رهي آھي سنڌ جا اڪثر زراعت سان لاڳاپيل ماڻھو معاشي طور ڪمزور ٿي رهيا آھن.

سنڌ پنجاھ سالن کان پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آھي ڊيلٽا تباھ ٿي رهي آھي، مٿان وري تازو سنڌو درياھ مان ڇهھ ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي جنهن سان ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب صوبي جون لکين ايڪڙ زمينون آباد ڪيون وينديون، ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل ڪئنالن لاءِ سنڌو درياھ مان پاڻي کنيو ويندو جڏهن ته مجموعي طور اهي به دعوائون ڪيون پيون وڃن ته انهن ڪئنالن ۾ ٻوڏ جي وقت وڌيڪ وهڪرن اچڻ وقت پاڻي ڇڏيو ويندو پر ان تي عمل ٿئي ٿو يا نه اهو ته مستقبل ۾ ڏسبو پر في الحال ماضي جي تجربن کي ڏسندي سنڌ جون ساڃاھ وند ڌريون ان ڳالهه کي به ماضي ۾ پاڻي معاملن تي ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙين سندن موقف کي رد ڪري رهيون آھن، سنڌو درياهه جيڪو مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب گڊو سکر ۽ ان کان اڳتي ھلندي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ڏانهن ويندو آھي جيڪو اڪثر سڪل نظر ايندو رهي ٿو جنهن سبب سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن پاڻي نه هئڻ ڪري ٺٽي ۽ بدين واري پاسي کان سمنڊ هزارين ايڪڙ زمينون پائي ويو آھي مٿان وري ان قسم جو منصوبو سنڌ جي لاءِ سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجهه به ناهي.

سنڌو درياهه مٿان ٺھندڙ ان ڪئنالن واري منصوبي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي سنڌ ۾ لڳاتار سترنهن سالن کان حڪومت ڪندڙ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي کان ويندي سنڌ جي تقريبن سڀني قومپرست پارٽين، سنڌ جي ساڃاھ وند ڌرين سميت عام ماڻھن به سنڌو درياھ مان هنن ڪئنالن ڪڍڻ جي نه رڳو مخالفت ڪئي آھي پر ڪراچي، حيدرآباد، مٽياري، سڪرنڊ سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ انهن خلاف سخت احتجاج به ڪيا ويا آھن، ڇو ته سنڌ جو ساڃاھ وند طبقو ۽ عام ماڻھو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هي ڪئنال سنڌوءَ مٿان ٺھيا ته سنڌ ڏانهن جيڪو ايندڙ ٿورو گهڻو پاڻي آھي اهو به اچڻ بند ٿي ويندو جنهن سان نه رڳو زراعت معيشت پر وڏي انساني آبادي جهنگلي جيوت وڻ ٽڻ ختم ٿي ويندا ماحولياتي نظام سخت متاثر ٿيندو، بيروزگاري وڌندي ان سان گڏ ڪيئي انيڪ مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا.

مطلب ته سنڌو درياھ ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ايندو ته سنڌ جو پورو نظام ڊانواڊول بڻجي ويندو ان ماحولياتي تبديلي جو اثر ٻين صوبن تائين به پکڙجي سگهي ٿو، پاڻي ماهرن جي راءِ موجب هتي اڳ ۾ ئي 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي کوٽ آھي ان ڪري موسمياتي تبديلي سبب سنڌ ۾ ڏڪار جو خدشو پئدا ٿي سگهي ٿو.

تازو سنڌ حڪومت جي وزير سيد سردار شاھ پاران به ان خدشن جو اظھار ڪيو ويو آھي ته سنڌوءَ تي ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ جو پورو اسٽريڪچر تباھ ٿي ويندو، سنڌ کي پاڻي نه مليو ته 2040 تائين ٺٽو ۽ بدين ختم ٿي ويندا جڏهن ته 2060 ۾ ڪراچي به دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندو، ان کان علاوه تازو ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن جي ٿيل سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ به سنڌ جي پاڻي واري معاملي تي شرڪت ڪندڙ سنڌ جي مختلف  اديبن دانشورن ۽ ساڃاھ وندن سنڌو درياھ مٿان اڏجندڙ ڇھن ڪئنالن جي مخالفت ڪئي ۽ ان موضوع تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪندي پاڻي جي ڌاڙي کان پوءِ امڪاني طور تي سنڌ ۾  ٿيندڙ نقصانن کان آگاهي ڏني آھي سنڌ ۾ پهرين ڊسمبر تي ٿيندڙ ڪلچر ڏهاڙي تي به لکين سنڌ واسي ان ڪئنالن کي رد ڪري پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪا آهن پر ان هوندي به ڪئنال ختم ڪرڻ جو وفاقي حڪومت پاران ڪو به اعلان سامھون نه آيو آھي ۽ نه ئي سنڌ جي پاڻي بابت ڪا واضع پاليسي ٻڌائي ٿي وڃي جنهن سان سنڌ جي ماڻھن جا خدشا وڌي رهيا آھن جڏهن ته اهو به محسوس ٿي رهيو آھي ته وفاقي حڪومت شايد سنڌ سان ناروا سلوڪ برقرار رکڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي آھي جو سنڌ جي ماڻھن پاران اٿندڙ ايترو آواز به نٿو ٻڌو وڃي جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آھي پر سنڌ جا ماڻھو سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا اهي ھر حال ۾ مقامي سطح توڙي عالمي فورمن تي هن ظلم تي پنهنجو ڪيس پيش ڪري ان قسم جي منصوبن کي رد ڪرائيندا سنڌ جيڪا صدين کان آباد آھي ان لاءِ اسان جو اهو به ايمان آھي ته سنڌ خلاف ڀلي ڪيتريون به سازشون ڇو نه ڪيون وڃن پر ان کي ڪو به لھر لوڏو اچڻو ناهي هي ڌرتي صوفين اوليائن ۽ بزگن جي ڌرتي آھي هن ڌرتي کي دعا ٿيل آھي هن کي برباد ڪرڻ جا خواب ڏسڻ وارا پاڻ ئي برباد ٿي ويندا پر سنڌ صدين کان قائم ۽ دائم آھي ۽ رهڻي آھي سنڌوءَ مٿان ڪالا باغ ڊيم ٿل گريٽر ڪئنال سميت ڪيئي منصوبا جوڙيا ويا هن وقت به ٻڌايو پيو وڃي ته ڇهن ڪئنالن جي آڙ ۾ سنڌ جو پاڻي کڻي پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آھي جنهن تي ڪم به شروع ٿي چڪو آھي، پاڪستان جي زراعت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ گرين پاڪستان جي نالي تي ان قسم جا منصوبا جوڙي سنڌ کي سڪائڻ جي هي ڪوشش به سنڌ واسي ناڪام بڻائيندا.

سنڌ به رهندي

سنڌي به رهندا

سنڌو وهندو رهندو

جڳ جڳ جيئندو رهندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.