نئين سال 2025ع جا نوان چئلينج

تحرير: نثار لغاري

هن وقت  عالمي توڙي  ملڪي حالتن ۾  وڏو  ٻڙڌڪ متل آهي  اڳيون سال  به خراب گذريو هي سال ان کان به خراب آهي  نه فقط هن خطي جي عوام لاءِ  پر سڄي  دنيا لاءِ  ڇو ته هن سموري صورتحال ۾ نئين عالمي نظام  يا نيو ورلڊ  آرڊر  ۾  مسلسل  جنگ  توسيع پسندي  آهي  امن ڪٿي ناهي باقي اڻ اعلانيل  ٽين عالمي جنگ جو اعلان رهيل آهي هن وقعت  دنيا جي 8 ارب آبادي جي اڪثريت  ٻن ويلن جي ماني لاءِ  پريشان آهي

هن دور ۾  سال فقط ڪيلينڊر ۾ بدلبو آهي  باقي اسان جهڙن مظلوم خطن اتان جي عوام جون حالتون  هر سال بڌ کان بدتر ٿينديون وينديون آهن   ڪو اهڙو  دور سال مهينو ڏينهن نه ھوندو آھي جيڪو ڪا خوشي  جي خبر کڻي  اچي  ماڻهو  هاڻ ته ھٿرادو  طريقي خوشيون تلاش  ڪندا آهن پر اهي عارضي  هونديون آهن  اهي ڪي مستقل ناهن هونديون

اسان وٽ به سال 2024ع  پنهنجي موڪلاڻي  ڪئي نئون سال 2025ع  اچي ويو.  پويون سال اڳ ئي سنڌ جي عوام جي خراب صورتحال سان گڏ  آڪٽوبر  ۾  اها خبر کڻي  آيو ته سنڌو  درياهه تي نوان 6ڪئينال  ڪڍڻ  جو منصوبو شروع ٿي ويو آهي   انهيءَ منصوبي لاءِ  ڪنهن به گڏيل  اداري ڪائونسل آف ڪامڻ انٽريسٽ CCI   سميت  ڪنهن  اداري طرفان منظوري ناهي ورتي وئي  ٽن  مهينن جي مسلسل احتجاج  باوجود  وفاق سنڌ  جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ  تيار نه آهي  سنڌ جي  وڏي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جنهن جي گدريل 17 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت  آهي اها به خالي ٻياني زباني انهيءَ جي مخالفت ڪري رهي آهي  جيڪو  هڪ  وڏي ڏوهه جي برابر آھي. هاڻ  نئين سال ۾ هن معاملي تي وڏي  اتحاد  جي ضرورت آهي  ان کان سواءِ  هي سنڌ دشمن درياهه دشمن  منصوبن جو رڪجڻ  ناممڪن نه تڏهن به ڪافي ڏکيو آهي

اسان جو سماج  جنهن  ۾  حڪمران طبقن طرفان  عوام  خلاف پاليسيون  جوڙيون وينديون هجن  غربت  زبردستي مڙهي  ويندي هجي اشرافيه  طبقو عياشيون ڪندو هجي ماڻهو  غربت  بک بدحالي ڪرپشن رشوت  افلاس سبب انتهائي ڀيانڪ  غربت  واري زندگي گذاريندا هجن اتي  سالن جي بدلجڻ  نئون سال مبارڪ چوڻ  سان ڇا ٿيندو پوءِ به  ماڻهو خود فريبي ۾  هوندا آهن عارضي  ظاهري  خوشي ڪندا آهن  فائرنگ ڪندا آهن  نئين سال تي آتش بازي ڪندا آهن جيڪي فرد هن نظام جا نوازيل آهن اهي هوٽلن گهرن ۽  فارم هائوس تي شراب ڪبابن  عياشي جون محفلون ڪندا آهن   اهي پنهنجي  ذات ۾ ئي جيئندا آهن

ملڪي توڙي  عالمي صورتحال  به ڪا بهتر ناهي  سمورو عرب خطو فلسطين جنگ ۾  آهي   هن دور جو وڏو  واقعو شام ملڪ مان بشر الااسد جي حڪومت جو خاتمو  بنگلاديش مان سيخ  حسينا   شيخ  مجيب جي نياڻي جي سيڪيولر حڪومت جو خاتمو  هو اسرائيل جي جارحيت  اڳ کان وڌيڪ  تيز ٿي آهي  هاڻ  هو ايران جو گهيرو تنگ ڪري رهيو آهي  سندس هن خطي ۾  موجود جهادي پراڪسي تنظيمون  هن خطي ۾  هڪ نئين فرقيواريت  واري جنگ ڇيڙي  سگهن ٿيون  پاڙا چنار  ان جو هڪ مثال آهي افسوس آهي ته  ٻن  مهينن کان  هتي جي اسٽيڪ هولڊرن کان اهو ڪنٽرول  نٿو ٿئي  هن جو مطلب آهي مختلف  طريقن سان سامراجي جنگ وجدل جاري رهندي

هي اسان جو خطو به هن جنگ جي لپيٽ ۾ ايندو  جنگ جاري رهندي جيڪا مختلف  صورتن ۾ جاري آهي   هن خطي کي به عالمي قوتون خاص نگاهه سان ڏسن پيون  طالبان جون ڪارروايون جاري آهن    اندروني طرح  حڪمران طبقا پارليامينٽ  جماعتون  تقسيم آهن  اصل طاقتن ۾  به وڏو  ڏڦيڙ آهي  فوجي عدالتن جو قيام سزائون ڳالهيون  مطلب  اصل حاڪمن جي هٿن مان به ڳالهيون معاملا ڪنٽرول کان ٻاهر آهن  هاڻ  تازو نائين مئي تي  آءِ ايس  آءِ  جي اڳوڻي  سربراهه جنرل رٽائرڊ  فيض حميد  خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي سولين کي سزائن ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي

نائين مئي جا واقعا: عمران خان جي ڀاڻيجي سميت وڌيڪ 60 ڄڻن کي فوجي عدالتن مان قيد جون سزائون پاڪستان جي ملٽري ڪورٽن نائين مئي جي واقعن جي الزام ۾ گرفتار ٿيل وڌيڪ 60 ڄڻن کي سزائون ٻڌايون آهن. سزا ملڻ وارن ۾ عمران خان جو ڀاڻيجو حسان نيازي به شامل آهي، جنهن کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي آهي.پاڪستان فوج جي ترجمان اداري، ”آءِ ايس پي آر“ جي مطابق، حسان نيازي ڪور ڪمانڊرز هائوس لاهور تي حملي ۾ ملوث هيو. جن ٻين فردن کي سزائون ٻڌايون ويون آهن انهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاهور جو ٽڪيٽ هولڊر ميان عباد فاروق به شامل آهي، جنهن کي ٻه سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

”آءِ ايس پي آر“ جي مطابق جن فردن کي سزائون ٻڌايون ويون آهن انهن ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور سميت جي ايڇ ڪيو راولپنڊي، ملتان ڪينٽ، مردان، بنون ڪينٽ، ميانوالي ايئر بيس، راهوالي ڪينٽ، آءِ ايس آءِ آفيس فيصل آباد سميت ٻين فوجي تنصيبن تي حملو ڪرڻ وارا به شامل آهن.هيسيتائين فوجي عدالتن جي پاران نائين مئي جي واقعن جي الزام ۾ گرفتار ڪيل 85 فردن کي سزائون ٻڌايون ويون آهن. ان کان اڳ 25 ڄڻن کي سزائون ٻڌايون ويون هيون، جن تي يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيا سميت ٻين ملڪن ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي.فوجي عدالتن خميس تي جن فردن کي سزائون ٻڌايون تن ۾ بَري فوج ۽ ايئرفورس جو هڪ، هڪ اڳوڻو آفيسر به شامل آهي.برگيڊيئر (ر) جاويد اڪرم کي ڪور ڪمانڊر هائوس حملي ڪيس ۾ ڇهه سال جڏهن ته گروپ ڪيپٽن (ر) وقاص احمد محسن کي چڪدرا قلعي حملي جي ڪيس ۾ چار سال سخت پورهئي جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.پاڪستان ۾ نائين مئي 2023 کان پوءِ سموري ملڪ ۾ ٿيڻ واري وڳوڙ جي الزام ۾ سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو جن منجهان گهڻن فردن جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان هيو. هڪ طرف اهو عمل جاري آهي وري ڳالهيون ڪرڻ  جا اعلان به ٿي رهيا آهن  هن جو مطلب آهي  ته  اندروني طرح  معاملا خراب آهن

نئون سال 2025ع  انهيءَ صورتحال ۾  اچي  پيو جيڪو اڳئين سال کان وڌيڪ  بحرانن وارو وڌيڪ غربت افلاس وارو سال هوندو.  انهيءَ سموري  صورتحال ۾  ملڪي معيشت  وڌيڪ  خرابي طرف وڌيڪ  بيماري طرف روان دوران آهي  حڪمران طبقي کي  پنهنجي  اقتداري جي جنگ کان سواءِ ڪو ڪم نه  آهي

هن مجموعي صورتحال ۾ عوام عوام جي اڳتي وڌيل حصن  دانشورن انقلابي فڪر رکندڙ ڌرين لاءِ  اهو نئون چئلينج  آهي ته اهي  هن  سموري  بظاهر مايوسي  واري صورتحال  مان عوامي  اميد جي پاسن جدوجهدن جي  جديد طريقن سان ڪئين هن سموري ظلم تي ٻڌم سرشتي خلاف ويڙهه ڪن  ٿا هن وقت  جتي مايوسي آهي  اتي  هڪ زبردست  عالمي  مزاحمت  به جنم وٺي  پئي اها هن وقت تائين  ڀلي ظاهر نه هجي پر ايندڙ  وقت ۾  عوامي  حقن جون تحريڪون سگهاريون ٿينديون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.