موجوده مُلڪي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان جي وڌندڙ اهميت

تحرير: رفيق پٽيل

عمران خان ڪنھن سمجھوتي تحت آزاد ٿيڻ لاءِ  تيار نھ آھي،ان ڪري حڪومت عمران خان کي 14 سال قيد جي سزا ڏئي سگھي ٿي، حڪومت جي ڪوشش آھي تھ ڪنھن طرح سان 8 فيبروري 2024  تي وڏي پئماني تي ٿيل ڌانڌلي وارين چونڊن سان قائم ٿيل حڪومت کي جائز قرار ھئڻ جو تاثر ڏنو وڃي.ڳالههين جو بنيادي مقصد اھو ئي آھي تھ جئين ايندڙ چونڊن ۾ ان کان بھ وڌيڪ ڌانڌلي ٿئي ۽ ھاڻوڪي حڪمرانن جو ايندڙ نسل بھ  لڳاتار حڪومت ڪندو رھي،نوڪريون برقرار رکڻ جي مقصد تي ٻڌل ھاڻوڪين ڳالههين جي نتيجي ۾ انصاف ڀريون چونڊون نھ ٿيون تھ عوام اھڙي ڪنھن ٺاھ کي تسليم نھ ڪندو  پي ٽي آءِ،کي عوامي دٻاءَ ۾ نئين قيادت سامھون آڻڻي پوندي.

ھاڻوڪي پاڪستاني حڪومت جي عوامي حمايت کان محرومي ۽ جمھوري ادارن جي بي اثر ھئڻ سبب سڄي ملڪ ۾ انتھاپسنديءَ ۽ نيم عسڪريت پسندي کي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ھٿي ڏيڻ  جو رستو صاف ڪيو پيو وڃي.جنھن جا مستقبل ۾ انتھائي خوفناڪ نتيجا نڪرندا.جنھن جو ھڪڙو مثال ھي آھي تھ سوسائٽي ايڪٽ ھيٺ مدرسا رجستريشن ايڪٽ مولانا فضل الرحمان جي خواھش تحت دٻاءَ ۾ اچڻ بعد منظور ڪيو ويو آھي.ھاڻي مولانا اڻ سڌي ريت ڳالههين جو حصو بنجي ويو آھي.شايد کيس وڌيڪ نوازيو ويندو. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ کيس اھم عھدا ملي سگھن ٿا.سنڌ جي اندر بھ ھو اثر رکي ٿو.جيڪو آھستي آھستي وڌندو ويندو،جيستائين زندھ رھيو ھر حڪومت تي غالب رھندو.

شايد ئي ڪو  وزيراعظم ھن جي منافعي بخش فائل تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري سگھي،جنھن ڪري ملڪ جا اھم ڪاروباري ۽ سرمائيدار  ماڻھون  پڻ ھن جي چوڌراي گڏ ٿي  سگھن ٿا.ھي اھي ماڻھون ھوندا جن کي سرڪاري ڪم ۾ مختلف ادارن اندر ڪن رڪاوٽن کي منھن ڏيڻو پوندو رھندو ھوندو.جنھن لاءِ سفارش گھربل ھوندي.اھي ڪاروباري ماڻھون سفارش جي موٽ ۾ جي يو آءِ ، جي ڳجھي ۽  ظاھري مدد ڪندا.ان ايڪٽ جي منظوري سان مولانا جي طاقت ۾ جيڪو اضافو ٿي چڪو آھي.ان جو اندازو صفا ٿورا ماڻھون ڪري سگھندا،اھو سمورو ڪم انڪري ممڪن ٿيو 26  آئيني ترميم جي ذريعي عدالتن جي آزادي خاتمي ۽ ميرٽ جي خلاف حڪومتي تقريرن جو رستو  صاف ڪرڻ جي سلسلي ۾ مولانا اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ پي ٽي آءِ، جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري دٻاءَ وجھي  ڪري حڪومت کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو،شايد اندر ئي اندر يقين ڏياريو ھوندو  تھ ڪنھن بھ ٻاھرين دٻاءَ کي روڪڻ ۽ پي ٽي آءِ، کي چٿڻ ۾ حڪومت کلي عام ڳجھي مدد ڪندو.ھاڻي جي يو آءِ، کي مدرسن جي چندن، تعليمي نصاب ۽ بي دولت کي ڪنھن بھ ضابطي کان ان ڪري آزادي ملي وئي آھي جو ھو سياسي طور تي گھڻو طاقتور ٿي ويو آھي.ھاڻي سڄي ملڪ ۾ ھن جي مدرسن  جو نيٽ ورڪ، ڪجهه شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ آھستي آھستي ۽ ڪجهه ٻين علائقن ۾ تيزرفتاري سان وڌندو ويندو.

ھن وقت بھ مولانا سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کان وڏو جسلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.لاڙڪاڻي،سکر، حيدرآباد، نواب شاھ  ۾ مسلسل ھو پنھنجو اثر وڌائي رھيو آھي.ھن جي ڏنڊابردار ڪارڪنن جي خوف سبب ھر وقت حڪومت خوف ۽ دٻاءَ  ۾ مبتلا رھي ٿي.ھوءَ جڏھن بھ چاھي ڪنھن بھ علائقي ۾ جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏئي يا نھ ڏئي ھو جلسو ڪري سگھي ٿو.ھو پاڪستان جي اھم ڪردارن خلاف ڳالههائي، قانون جي خلاف ڪم ڪري تھ بھ ھن کي ڪو گرفتار نھ ٿو ڪري سگھي.ھن وقت مولانا جيڪو ڪجهه بھ ڪري ھو قانون جي گرفت کان آزاد رھندو.

ھن کان اڳ ھن بل تي صدر آصف علي زرداري پاران اعتراض سامھون آيا ھئا.جنھن ۾ ھڪ اعتراض اھو بھ ھو تھ ارڙھين ترميم بعد تعليم صوبائي معاملو آھي.ان ڪري ھن جي صوبائي اسميمبلين مان منظوري ضروري آھي.ھڪ اعتراض اھو بھ ھو تھ ان تي ايف  اي ٽي ايف، تي اعتراض ھوندو ۽ پاڪستان جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن  سان معاملن ۾ پيچيدگيون پئدا ٿينديون.مني لانڊرنگ ۽ دھشتگردن جي لاءِ مالي تعاون جا اعتراض بھ سامھون ايندا.ان سان گڏ ھڪ اعتراض اھو بھ ھو تھ سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ تحت تعليم ۾ فائن آرٽس ۽ ڊانس ڪلاسز شامل آھن.جيڪي مدرسي جي تعليم سان مطابقت نھ ٿي رکي ۽ ھڪ نظرياتي ٽڪراءُ واري ڪيفيت پئدا ٿيندي.ھاڻي ان ايڪٽ جي نڪتن سان عمران خان بعد مولانا فضل الرحمان ملڪ جو طاقتور ترين سياستدان بڻجي چڪو آھي.

حالتون جئين جو تئين رھيون تھ مولانا مڊٽرم يا وقت جي مطابق 8 فيبروري 2024 جھڙين چونڊن ۾ 150 قومي اسميبلي جي سيٽن کانسواءِ خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب جي اڪثريتي سيٽن جي پرد ي جي پٺيان ھوندو ۽ سنڌ ۾ ٻين جماعتن سان ڊيل ڪري پنھنجي پسند جي حڪومت جي لاءِ ڪوشش ڪندو.جيڪڏھن ان ڊيل کان کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تھ نھ رڳو چونڊ ڌانڌلين کي وائکو ڪندو بلڪھ پنھنجي احتجاجي تحريڪ ۽ ڏنڊابردار فورس جي ذريعي سڄي نظام کي مفلوج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.جنھن کان شايد ڪو بھ انڪار ڪري نھ ٿو سگھي.

پاڪستان جون سياسي جماعتون ۽ مقتدرا قوتون ان حيثيت ۾ نھ آھن جو اھي مولانا سان ڇيڙڇاڙ ڪري سگھن.جيڪڏھن کيس وزيراعظم نھ بڻايو ويو تھ ھو پارليامينٽ ۽ سمورن صوبن تي حاوي ٿي ويندو. ھن جي حيثيت اڻ اعلانيل وزيراعظم جي ھوندي.جنھن جي مرضي کانسواءِ ڪو بھ وزيراعظم ھڪ قدم  بھ کڻڻ جي قابل نھ رھندو.ھن وقت بھ مولانا پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪلھي جو سھارو وٺي حڪومت جي مٿان اھڙو دٻاءَ وڌو آھي جو ھن پنھنجا مفاد حاصل ڪري ورتا آھن.مولانا جو اڳيون قدم سنڌ ۾ اثر رسوخ وڌائڻ ھوندو.جنھن ۾ ڪنھن حد تائين کيس ڪاميابي ملي چڪي آھي.

حڪومت کي بين الاقوامي دٻاءَ جي خاتمي جي لاءِ اھڙن قدمن کان پاسو ڪرڻو پوندو جنھن سان ملڪ جي دفاع تي منفي اثر پوڻ جو خطرو آھي. ھن وقت پاڪستان جمھوريت ۽ قانون جي حڪمراني کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. ھڪ اھڙي لاقانونيت  جو سلسلو شروع ٿيو آھي جنھن ۾ رڳوانتھاپسنديءِ ۽ دھشتگردي جي لاءِ زرخيز ماحول ميسر ھوندو.پاڪستان ج حڪمران طبقو جنھن تباھي جي رستي تي ھلي رھيو آھي، اھو سياسي استحڪام جي رستي ۾ رڪاوٽ آھي، عوام کانسواءِ نھ معيشت کي وڌائي سگھجي ٿو ۽ نھ ئي ملڪ جي دفاع کي مصبوط بڻائي سگھجي ٿو.حڪومت خيالي رٿون جوڙي ڪري ميڊيا ۾ پيش ڪري سگھي ٿي پر ان جي عملي شڪل ڪجهه بھ نھ ھوندي.

عوام ۾ موجود حڪمرانن خلاف نفرت ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. گھٽين ۽ محلن ۾ حڪومت جي بيانن ۽ پريس بيانن تي ڀوڳ ٺھي رھيا آھن. حڪومت جي ناڪامي جو سڄو بار جيڪڏھن دفاعي اداري جي مٿان اچي وڃي تھ قومي سلامتي کي خطرو درپيش اچي سگھي ٿو.اڪثر ماڻھون حڪمرانن کي ڏسي ٽي وي بند ڪري ٿا ڇڏين.ان ڳالهه جو پري تائين ڪو امڪان نھ آھي تھ ماڻھون موجود حڪمرانن جي معمولي پذيرائي بھ بخشي ڇڏين.ھاڻوڪيون حڪمران جماعتون رد ٿيل ۽ پراڻيون ٿي چڪيون آھن.انھن کي کڙو ڪرڻ مئل کي سھاري سان بيھارڻ برابر آھي.ان ڪري مولانا پنھنجي ڳالهه مڃرائي ورتي آھي.عوام ۽ پي ٽي آءِ، جي اڳواڻن ۽ حڪومتي وچ ۾ ملاقاتن تي خوش نھ ٿيندو.پاڪستان تحريڪ مٿان اندران ۽ عوام جو دٻاءَ وڌندو ويندو.ڳالههين جي عمل کان جان ڇڏائي ويندي ۽ پنھنجي تحريڪ کي جاري رکيو ويندو. تحريڪ انصاف مولانا سان گڏجي ڪري ھلڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، جنھن جو سمورو فائدو مولانا کڻي ويو ۽ ھاڻي ھو وزيراعظم بنجڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو.جيڪڏھن وزيراعظم نھ بھ ٿيو تھ ھو اھڙا اھم عھدا حاصل ڪندو،جنھن سان ھو ھن سموري نظام تي حاوي ٿي وڃي.ھاڻي بھ تحريڪ انصاف سبق نھ سکيو تھ عوام جو دٻاءَ پاڪستان تحريڪ انصاف کي سمجھوتي باز قيادت تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.