ڪي پي ۾ آپريشن، 11 خارجي مارجي ويا

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 3 مختلف ڪارروائين ۾ 11 خوارج مارجي ويا. پاڪ فوج جي  شعبي آءِ ايس پي آر موجب 17 ۽ 18 ڊسمبر تي خوارج خلاف ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڳجهي اطلاع تي ضلعي ٽانڪ ۾ آپريشن ڪيو جنهن دوران سڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي موثر نموني نشانو بڻايو.  آءِ ايس پي آر موجب ٽانڪ ۾ آپريشن دوران 7 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ هڪ ٻيو آپريشن ڪيو، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز فائرنگ جي تبادلي ۾ 2 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي جي علائقي ممدگٽ ۾ ٽيون آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 خوارج پڻ مارجي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.